15 ہفتہ , دسمبر 2018

آفيسرن جي واڌو پگهارن بابت پاڻمرادو نوٽيس: 45 آفيسر واڌو وصول ڪيل پگهارون واپس ڪرڻ تي رضامند

لاهور(ويب ڊيسڪ) آفيسرن جي پگهارن تي پاڻمرادي نوتيس ڪيس ۾ 54 آفيسرن مان 45 وڌيڪ وصول ڪيل پگهارون واپس ڪرڻ تي رضامند ٿي ويا آهن جڏهن ته 9 آفيسرن واڌو وصول ڪيس پگهارون واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، عدالت اڪار ڪندڙ 9 آفيسرن کي واڌو پگهارون ٽن مهينن ۾ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي پنجاب حڪومت جي ڪمپنين جي آفيسرن جي پگهارن تي پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊي جي نيب لاهور عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 54 مان 45 آفيسرن واڌو وصول ڪيل پگهار واپس ڪرڻ تي رضامند ٿي ويا آهن جڏهن ته 9 آفيسرن انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت تائين 43 ڪروڙ 80 لک رپيا مان 32 ڪروڙ 30 لک رپيا وصول ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس واڌو وصول ڪيل پگهار واپس نه ڪرڻ تي ايم ڊي سيف سٽي اٿارٽي علي عامر ملڪ کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته توهان گريڊ 21 جا آفيسر ٿي ساڍا 6 لک پگهار وصول ڪري رهيا آهيو، توهان جي پگهار ڏيڍ 2 لک رپيا بڻي ٿي، واڌو رقم ڪهڙي مد ۾ وصول ڪري رهيا آهيو، توهان ملڪ سان زيادتي ڪئي آهي، هڪ کاتي ۾ توهان کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ناهي موڪليو ويو. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سيف سٽي اٿارٽي اڪبر ناصر خان به عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته توهان پنهنجي پگهار مان 6 سيڪڙو پگهار ڇو وصول ڪئي، ته هن جواب ڏنو ته هن هڪ نئين پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان ٻين سان گڏجي عوام جو پيسو ڦري رهيا آهيو. چيف جسٽس قرا ڏنو ته توهان کي ان پگهار تي ڪنهن کاتي ۾ موڪليو وڃي ها ته توهان ائين ڪم ڪيو ها. عدالت نون آفيسرن کي واڌو پگهارون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هديات ڪئي ته واڌو پگهارون ٽن مهينن ۾ واپس ڪيو، جيڪڏهن پگهار واپس نه ڪئي وئي ته ڪارروائي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے