14 جمعہ , دسمبر 2018

چيف جسٽس ڪٽاس راڄ مندر جو تلاءَ ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار خشڪ ڪيل ڪٽاس راڄ مندر جي تلاءَ کي پاڻي سان ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سيمنٽ فيڪٽرين طرفان ڪٽاس راڄ تلاءَ جي پاڻي چوري تي پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن پاڻي ٽينڪرن ذريعي آڻڻو پوي تڏهن به تلاءَ کي ڀريو وڃي. چيف جسٽس سيمنٽ فيڪٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪٽاس راڄ تلاءَ جي پاڻي جي جاچ رپورٽ به طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊي سي چڪوال آگاهه ڪيو ته سيمنٽ فيڪٽرين ايترو پاڻي ڪٿان حاصل ڪيو. گذريل ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪٽاس راڄ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي هئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فيڪٽريون پنهنجي لاءِ پاڻي جو بندوبست پاڻ ڪن. عدالت ڊي سي چڪوال کي ٽيم کي هر ممڪن سهڪار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪو به رنڊڪ وجهي ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٽيم معائنو مڪمل ڪري ۽ پاڻي جو تجزيو ڪري سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے