13 جمعرات , دسمبر 2018

ٽريفڪ سارجنٽ کي چيڀاٽڻ وارو ڪيس: دهشتگردي ايڪٽ جي تحت ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ واري اپيل رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بلوچستان جي صوبائي وزير جي گاڏي سان ٽريفڪ سارجنٽ جي موت واري ڪيس بابت ٻڌڻي ڪدني ٽرائل ڪورٽ کي دهشتگردي ايڪٽ جي تحت ٻڌڻي کان روڪڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ بلوچستان جي اڳوڻي وزير عبدالمجيد اچڪزئي جي گاڏي سان ٽريفڪ سارجنٽ جي موت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،. جنهن جي ٻڌڻي جسٽس گلزار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عبدالمجيد اچڪزئي جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته ٽرائل ڪورٽ کي دهشتگرد جي قلمن تحت ڪيس جي ٻڌڻي جو اختيار ناهي. هن عدالت کان پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ کي دهشتگردي جي قلمن تحت ٻڌڻي کان روڪيو وڃي. جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته ٽريفڪ سارجنٽ گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪري رهيو هو، جوابدار گاڏي ٽريفڪ سارجنٽ جي مٿان چاڙهي ڇڏي. عدالت هدايت ڪئي ته دهشتگردي ايڪٽ جي تحت عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار حاصل آهي يا نه، اِهو سوال توهان انهيءَ عدالت ۾ ڪيو. عبدالمجيد اچڪزئي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان جو نقصان اِهو ٿيندو ته مقتول جي وارثن سان ڊيل نٿي ٿي سگهي، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ڊيل ٿيڻ به نه گهرجي. عبدالمجيد اچڪزئي جي وڪيل جو چوڻ هو ته منهنجي راءِ ۾ وارثن کي معاوضو ملڻ گهرجي، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه جو چوڻ هو ته معاوضو حڪومت ڏيندي، عدالت کي فصلو ميرٽ تي ڪرڻ ڏيو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي دهشتگردي ايڪٽ جي تحت ٻڌڻي کان روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے