14 جمعہ , دسمبر 2018

زلفي بخاري ڪيس: وڏن عهدن تي مقرري اهم فرض، دوستي تحت معاملا نه هلندا: سپريم ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وزير اعطم عمران خان جي ويجهي ساٿي ۽ خاص مددگار زلفي بخاري جي سموري ڄاڻ، مقرري جو عمل ۽ اهليت جي باري ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ زلفي بخاري جي وزير اعظم جي خاص مددگار هئڻ جي مقرري جي خلاف لاهور جي رهواسي محمد عادل چٽا ۽ ڪراچي جي رهواسي مرزا عبدالمعيز بيگ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. خيال رهي ته 18 سيپٽمبر تي وزير اعظم عمران خان پنهنجي ويجهي دوست ذوالفقار حسين بخاري عرف زلفي بخاري کي پنهنجو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار مقرر ڪيو هو، پر بعد ۾ ان فيصلي جي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو. ان درخواست تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿيل ٻڌڻي ۾ زلفي بخاري، سندس وڪيل اعتزاز احسن ۽ ٻيا پيش ٿيا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ اهم قومي فرض آهي پر دوستي تي اِهي معاملا نه هلندا پر قومي مفاد تي هلندا. ٻڌڻي جي آغاز تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته زلفي بخاري ڪاٿي آهي؟ ان تي زلفي بخاري انگريزي ۾ ڳالهايو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي اردو ۾ ڳالهائڻ ناهي ايندو؟ ان تي زلفي بخاري چيو ته جي آئون اردو سگهان ٿو. زلفي بخاري جو چوڻ هو ته مون بي ايس سي پوليٽڪل سائنس ۾ ڪئي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين سان بهترين رابطا آهن ۽ برطانيا ۾ 100 اعليٰ پاڪستانين ۾ شمار ٿيندو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوءِ ته اِها غرور واري ڳالهه آهي. ان دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته برطانيا ۾ ڪم ڇا ڪندا آهيو؟ جنهن تي زلفي بخاري جواب ڏنو ته برطانيا ۾ پراپرٽي ڊويلپر آهيان، واپار پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين تائين پهچ آهي ۽ ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا. زلفي بخاري جي جواب تي چيف جسٽس پڇاڻ ڪيو ته پاڪستان ۾ ته توهان ڪڏهن به ناهيو رهيا، جنهن تي زلفي بخاري چيو ته 13 کان 18 سالن جي عمر تائين پاڪستان مان ئي تعليم حاصل ڪئي آهي، ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ممي ڊيڊي اسڪول ئي هوندو، جتان تعليم حاصل ڪئي هوندي. چيف جسٽس عدالت ۾ زلفي بخاري جي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته توهان پنهنجي ڪاوڙ گهر ڇڏي ايندا ڪيو، توهان ڪنهن ٻئي جا دوست هوندا پر هيءَ سپريم ڪورٽ آهي. ان ٻڌڻي دوران ئي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته هو زلفي بخاري کي سندس رويي بابت آگاهه ڪري. ٻڌڻي دوران وڪيل اعتزازا احسن دليل ڏنا ته خاص مددگار کي مقرر ڪرڻ وزير اعظم جو اختيار آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وزير اعظم عوام جو ٽرسٽي آهي، هو پنهنجي من مرضي ۽ منشا موجب معاملا نٿو هلائي سگهي، اسان طئي ڪنداسين ته معاملا آئين جي تحت هلي رهيا آهن يا نه. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اعليٰ عهدن تي من پسندي ۽ ڳٺ جوڙ نظر نه اچڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته زلفي بخاري کي ڪهڙي اهليت جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو، ڪنهن جي چوڻ تي سمري تيار ٿي؟ ڪهڙي خاصيت آهي زلفي بخاري جي؟ يا وري ڪنهن جو دوست هئڻ جي ڪري کيس مددگار مقرر ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي وڪيل اعتزاز احسن ٻڌايو ته زلفي بخاري کي آئيني عهدو ناهي ڏنو ويو، کيس رولز آف بزنس جي تحت مقرر ڪيو ويو آهي، هو ڪابينا جو ميمبر ناهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ٻٽي شهريت تي ٻڌل شخص کي ئي عهدو ملڻ گهرجي، اهڙي شخص وٽ برطانيا ۽ پاڪستان جي ويزا هجي ته آساني ٿيندي آهي، وزير اعظم ته باراڪ اوباما سان به صلاح مشورو ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو ته جهانگير ترين ڪيس ۾ اسان ڳٺ جوڙ جي حوصلا افزائي ناهي ڪئي. بعد ۾ عدالت زلفي بخاري جي سموري ڄاڻ، مقرري جو عمل ۽ اهليت جي باري ۾ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول ڀٽو زرداري جو شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جي آجيان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے