11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ ۾ پاڻي جي تلاءَ جو افتتاح ڪيو ويو

سوشل ويلفيئرڊپارٽمنٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدابخش بھراڻي ۽ ڪيٽي بندرجي مختيارڪار عبدالطيف عباسي افتتاح ڪيو

ان موقعي تي ملٽيزر انٽرنيشنل جي ايريا ڪواڊينيٽر چيو ته ملٽيزر ادارو تعلقي ڪيٽي بندر ۾ 2015کان ڪم ڪري رھيو آھي

ھن وڌيڪ چيو اسان مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي جا ٻ وڏا تلاءُ ڏنا آھن ۽ تعلقي ڪيٽي بندر جي مختلف ديھن ۾ قدرتي آفتن کان بچاء جي لاء 25 پڪا ايمرجنسي شيلٽرتعمير ڪرايا ويا آهن

هن وڌيڪ چيو ته اداري طرفان مختلف ڳوٺن ۾ صاف پاڻي لاءِ 30 ھينڊ پمپ پڻ ڏنا آھن 29بيواھ غريب عورتن کي گذر ڪرڻ لاء سلئي مشينون  پڻڏنيون آھن

ڪيٽي بندر جي مختياري چيو ته ملٽيزر ادارو تعلقي ۾ تمام بھترين ڪم ڪري رھيو آھي جيڪو ساراھ جوڳو آھي

ڳاڙهو حيدر  جوڳي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے