14 جمعہ , دسمبر 2018

يوٽرن نه وٺندڙ اڳواڻ ئي ناهي، هٽلر ۽ نيپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو اڳواڻ حالتن جي موجب يوٽرن نه وٺي، اُهو اڳواڻ ئي ناهي ڇو ته هٽلر ۽ نيپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي. وزير اعظم عمران خان ڪالم نويسن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيئر صحافي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزير اعظم صحافين سان ڳالهين دوران پنهنجي ڪرڪيٽ جي دور جو مثال ڏنو ۽ چيو ته هڪ حڪمت عملي بڻائي ميدان ۾ لهندا هئاسين، جيڪڏهن ان جي خلاف اسان جي مخالف ٽيم ڪو ٻي حڪمت عملي بڻائي ڇڏي ها ته اسان کي پنهنجي حڪمت عملي تيزي سان تبديل ڪرڻي پوندي هئي. هن ٻڌايو ته وزير اعظم پنهنجي ڳالهه ٻلهه دوران نيپولين ۽ هٽلر جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته جڏهن توهان وڃي رهيا هجو ۽ سامهون ڀت هجي ته توهان کي ٻئي پاسي کان رستو ڳولڻ گهرجي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته جيڪو اڳواڻ حالتن موجب يوٽرن نه وٺي اُهو اڳواڻ ئي ناهي، جيڪو يوٽرن وٺڻ نٿو ڄاڻي ان کان وڏو  بيوقوف اڳواڻ ٻيو ڪير به ناهي، هٽلر ۽ نيپولين يوٽرن نه وٺي وڏي شڪست کاڌي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته يوٽرن وٺڻ استريٽجي جو حصو هوندو آهي ۽ تاريخ ۾ وڏا وڏا ماڻهو يوٽرن وٺي شيون بهتر ڪندا آهن. گڏوگڏ هن چيو ته يوٽرن وٺڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ فرق آهي، نواز شريف عدالت ۾ يوٽرن نه ورتو پر ڪوڙ ڳالهايو. وزير اعظم عمران خان چيو ته چين جي دوري جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هن ڀيري چين جو دورو جيترو ڪامياب رهيو ڪنهن ٻئي وزير اعظم جو چين جو دورو ايترو ڪامياب ناهي رهيو، چين سان هر قسم جي امداد ملي رهي آهي، اسان مطمئن آهيون. سندس چوڻ هو ته ڦريل رقم واپس ڪرڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، دبئي ۾ پاڪستان جي 15 ارب ڊالرن جو پتو لڳايو ويو آهي، برطانيا ۽ سوئٽزرلينڊ سان معاهدو ٿي چڪو آهي، جنهن سان ملڪ جي ڦريل رقم واپس آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته پرڏيهي ملڪ جي انڪشاف تي مخالف ڌر جي تنقيد وڌي وئي.  وزير اعظم وڌيڪ چيو ته احتساب قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي، نيب ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسي چڪي آهي، جنهن جي ڪري سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي معاملي تي عمران خان جو چوڻ هو ته ڪرپشن ڪيس کي منهن ڏيندڙ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين نٿو بڻجي سگهي، شهباز شريف کي چيئرمين پي اي سي بڻائڻ قوم سان مذاق هوندو ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ کيس پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين نٿا بڻائي سگهون. وزير اعظم عمران خان ان عزم کي به ورجايو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي 100 ڏينهن جي تڪميل تي مفصل ۽ گڏيل پروگرام قوم جي سامهون پيش ڪندي. عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ اُن وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين حقيقي معنائن ۾ جمهوريت نه اچي ۽ بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ڪڏهن به جمهوريت جي لاءِ ڪوشش ناهي ڪئي وئي، پاڪستان ۾ جمهوريت بدران ڪلپٽوڪريسي جو راڄ رهيو آهي، حڪومت ڪندڙ اقتدار کي پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن. وزير اعظم چيو ته سڀ کان اهم مني لانڊرنگ تي ضابطو آڻڻ آهي، هن وقت هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 10 ارب جي مني لانڊرنگ ٿي آهي، مني لانڊرنگ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان پرڏيهي ملڪن سان معاهدا ڪري رهيا آهيون، هن وقت تائين جيڪا ڄاڻ ملي آهي ان مان اندازو ٿي رهيو آهي ته ڇو اقامن جي ضرورت پوندي هئي. عمران خان جو چوڻ هو ته هن وقت 15 کان 20 ارب قانوني طريقن سان پرڏيهه مان اچي رهيا آهن، 15 کان 20 ارب مني لانڊرنگ جي ذريعي موڪليا پيا وڃن، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ آهي جتان جي دولت حڪمران اشرافيه مني لانڊرنگ سان پرڏيهه موڪليندي آهي، ملڪي تاريخ ۾ سموري پرڏيهي امداد جي باوجود به اسان جو شمار ٽئين دنياجي ملڪن ۾ ڪيو ويندو آهي.  هن چيو ته بدقمستي سان اسان کي هن وقت خبر ئي ناهي ته هن ملڪ ۾ ڪيترا وسيلا موجود آهن، حڪومت ۾ اچي ڏٺو هن وقت تائين رڳو تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ رڳو 6 سيڪڙو حصو ئي استعمال ٿيو آهي، تيل ۽ گيس کان سواءِ هتي ڪهڙا ڪهڙا وسيلا آهن، انهن جي ڳولا لاءِ ڪنهن حڪومت ڌيان ناهي ڏنو. عمران خان جو چوڻ هو ته جنهن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي اُتي ادارن کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويندو آهي، ميرٽ کي نظرانداز ڪري ادارن تي پنهنجي من پسند مانهن کي مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ ائين ان ڪري ڪيو ويندو آهي جيئن هُو حڪمران اشرافيه جي چوري ۾ رنڊڪ نه وجهن. هن چيو ته وائٽ ڪالر ڪرائم کي پڪڙڻ ڏکيو هوندو آهي، اسان جي جنگ ڊيموڪريٽس جي خلاف ناهي پر ملڪ تباهه ڪرڻ وارن جي خلاف آهي. وزير اعظم چيو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ 55 سيٽن تي رڳو 3 چار هزار جي مارجن سان هارائجي وئي، 14 سيٽون قومي اسيمبلي جون جڏهن ته 40 سيٽون صوبائي اسيمبلي جون هيون، مخالف ڌر کي واضح چيو ته جن جن سيٽن تي اعتراض آهي اُهي تڪ کولرائي سگهون ٿا، ڪي پي ۾ روايت آهي ته ڪنهن پارٽي کي هڪ ڀيرو چونڊڻ بعد ان کي ٻيهر چانس ناهي ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے