20 بدھ , فروری 2019

ڪراچي ۾ 30 سالن کان ڦرون ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون مان شهر ۾ 30 سالن کان ڦرون ڪندڙ جوابدار کي پڪڙي ورتو. پوليس موجب جوابدار عرفان جي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 4 نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن مان هڪ گروپ جي ڪمان ساجد عرف وڏو جڏهن ته ٻئي جي ڪمان آصف ڪندو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئين گروپ جي ڪمان هارون ۽ چوٿين جي حسنين ڪندو آهي، گرفتار جوابدار عرفان زيدي ڌاڙيلن کي مسواڙ تي هٿيار به  ڏيندو هو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار عرفان اعتراف ڪيو ته هر گروپ هٿيار وٺي 5 کان 10 رپيا ڏيندو آهي ۽ هر واردات مان حاصل پيسن مان ضمانتن جي لاءِ الڳ رقم رکي ويندي آهي.  پوليس موجب جوابدار جو اعترافي بيان ۾ چوڻ هو ته هو 1991ع ۾ پهريون ڀيرو گرفتار ٿي جيل ويو هو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪيس ۾ زمان ٽائون مان مفرور به آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے