11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي طرفان صوبي جي ڪاليجن ۾ بي بي اي پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سنڌ جي ڪاليجن ۾ بي بي اي پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن جي شروعات ڪامرس ۽ اڪنامڪس ڪاليج ڪراچي کان ڪئي ويندي. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پرويز احمد سيهڙ جي صدارت هيٺ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن جي گڏجاڻي ريجنل ڊائريڪٽر آفيس بينظير آباد ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن کي  انسپيڪشن وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي.اڳتي روائيس بجيٽ آرڊيز جي اجازت کان بنا ڪو به پرنسپل نه وٺي نه سگهندو. پھرين ڊسمبر کان ۲۸ فيبروري تائين سنڌ جا سمورا ڪاليج پنھنجي ڪاليجن۾ ھم نصابي سرگرميون شروع ڪندا ۽ ان جو مڪمل پروگرام آرڊي آفيس کي موڪليندا. ڪاليجن۾ استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ تمام آرڊيز کي سخت ھدايت ڪئي وئي ته انٽرنل ارينجمينٽ پاليسي جي تحت جلد کان جلد عملدرآمد ڪيو وڃي. اجلاس کانپوء سيڪريٽري ڪاليجز مختلف ڪاليجن جو دورو ڪيو. خالد آباد ڪاليج جي دوري  دوران تعميراتي ڪم نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو ڪيو ۽ ڪم جلد شروع ڪري مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته سيڪريٽري کي ٻڌايو ويو ته قاضي احمد ڪاليج ۾تعمير کان پوءِ تعليم جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. سٺ ميل ڪاليج ۾ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي. دوڙ ڪاليج جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي ايجوڪيشن ورڪس جا انجنيئر به موجود ھئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نه ڪو گهر ڊاهيو ۽ نه وري ڪنهن کي ڊاهڻ ڏنو ويندو: وسيم اختر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته اسان جو مئنڊيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے