15 ہفتہ , دسمبر 2018

وزير اعظم سان وس وارن جي ملاقات، 5 پناهه گاهن جي تعمير جو اعلان

PM Imran disqualification: Lawyer asked to present arguments for petition to be maintainableاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وس وارن ماڻهن وزير اعظم جي لاهور ۾ هلندڙ اعلان ڪيل 15 پناهه گاهن جي تعمير جي لاءِ سمورا خرچ کڻڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. وزير اعظم عمران خان سان لاهور سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن ۽ وس وارن ماڻهن جي وفد ملاقات ڪئي. وزير اعظم آفيس جي پڌرائي موجب وفد ۾ ميان محمد احسان، گوهر اعجاز، ميان  طلعت محمود، نور حضرت، ڊاڪٽر عبدالباري خان، انوار احمد خان، عديل سعيد مير ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. وزير اعظم جو صلاحڪار شهزاد ارباب ۽ خاص مددگار نعيم الحق به ملاقات ۾ موجود هئا. ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان سان شيخ ڪوميل شيخ يونس جي قيادت ۾ دائودي بوهره ڪميونٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ پورٽس اينڊ شپنگ وارو وفاقي وزير علي زيدي به موجود هو.  وفد وزير اعظم کي منصب سڀنالڻ تي واڌايون پيش ڪيون، ان موقعي تي بوهره برادري طرفان چيف جسٽس ۽ وزير اعظم پاڪستان ڊيم فنڊ جي لاءِ وزير اعظم کي 3 ڪروڙ رپين جو چيڪ پيش ڪيو ويو، وفد وزير اعظم کي سيف الدين انٽرنيشنل يونيورسٽي ڪراچي جي دوري جي دعوت ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے