11 منگل , دسمبر 2018

ترقياتي اسڪيمون حڪومت جو احسان نه پر عوام جو حق آهي: عثمان بوزدار

ڊي جي خان(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته ترقياتي اسڪيمون حڪومتي احسا نه پر عوام جو حق آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي جي خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پنجاب جي هر ضلعي ۽ تحصيل جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. سردار عثمان بوزدار چيو ته عمران خان جي ويزن جي موجب صوبي جا مسئلا حل ڪنداسين، ڊِ جي خان ۽ راجن پور کي بجيٽ ۾ ايندو فنڊ ملندو جيترو لاهور کي ملندو. هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي اسڪيمون عوام جو حق آهي، ڊي جي خان کان مظفر ڳڙهه تائين ڊبل روڊ جي لاءِ 3 ارب رپين جا فنڊ ڏينداسين، ڊبل روڊ ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، اسان 10 جديد ترين بسون به هلائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے