14 جمعہ , دسمبر 2018

ايئرپورٽ انچارج کي ڌِڪا ڏيڻ واري ويڊيو تي چيف جسٽس جو پاڻمرادو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار گلگت بلتستان جي سياحت واري وززير فدا حسين طرفان مبينا طور تي ايئرپورٽ ارائيول انچارج اسلام آباد کي ڌِڪا ڏيڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب چيف جسٽس ثاقب نثار فدا حسين طرفان ايئرپورٽ ارائيول انچارج کي مبينا طور تي ڌِڪا ڏيڻ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سياحت واري وزير ۽ ايئرپورٽ انچارج اسلام آباد کي سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس سڀاڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڄاڻايل پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته ميڊيا رپورٽن موجب موسم جي خرابي جي ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ تان اڏام رد ڪئي وئي هئي جنهن تي سياحت واري وزير فدا حسين ارائيول واري انچارج سان بدتميزي ڪئي، کيس ڌِڪا ڏنا ۽ هو ڪرندي ڪرندي بچي ويو. گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي فدا حسين طرفان اسلام آباد ايئرپورٽ تي ارائيول انچارج سان مبينا بدتميزي ڪرڻ ۽ کيس ڌِڪا ڏيڻ جي ويڊيو وائرل ٿي هئي. ان کان اڳ گلگلت جي فلائت ٽئين ڏينهن به ملتوي ٿيڻ تي سياحت واري صوبائيوزير فدا خان، قانون واري وزيراورنگزيب ايڊووڪيٽ سميت ٻين مسافرن ايئرپورٽ لائونج ۾ احتجاج ڪندي پنهنجا ڪوٽ ساڙيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول ڀٽو زرداري جو شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جي آجيان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے