13 جمعرات , دسمبر 2018

آمريڪي عدالت جو سي اين اين جي رپورٽ جو اجازت نامو بحال ڪرڻ جو حڪم

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي عدالت ڊونلڊ ٽرمپ  طرفان رد ڪيل سي اين اين جي رپورٽ جو وائٽ هائوس جو اجازت نامو بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سي اين اين جي رپورٽر طرفان اميگريشن بابت سوال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ رپورٽ کي گهرائي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ عملي کي مائيڪ ڦرڻ جو حڪم ڏنو هو. وائٽ هائوس عملي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي سي اين اين جي رپورٽ جم اڪوسٽا کان مائيڪ ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بعد ۾ سندس پاس به رد ڪيو ويو. سي اين اين جي انتظاميا وائٽ هائوس جي فيصلي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. آمريڪي عدالت سي اين اين جي رپورٽر جو وائٽ هائوس جو پاس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانوي وزيراعظم کي عدم اعتماد جي تحريڪ کي منهن ڏيڻو پوندو : پارليامنٽ ڪميٽي

لنڊن( ويب ڊيسڪ )برطانوي وزيراعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے