18 پیر , فروری 2019

پشاور هاءِ ڪورٽ سوئي ناردرن کي گيس جي واڌو قيمت وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ سوئي ناردرن گيس ڪمپني کي بل ۾  نئين واڌو رقم جي وصولي کان روڪيندي وفاقي حڪومت، اوگرا ۽ گيس ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب سوئي گيس جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت جي آڏو موقف پيش ڪيو ته اوگرا قانوني تقاضا پورا ڪرڻ کان سواءِ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ۽ گيس جي بل ۾ 143 سيڪڙو واڌ ڪري عوام تي واڌو بار وڌو ويو جڏهن ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪابينا نه پر اي سي سي ڪئي. عدالت سوئي ناردرن گيس ڪمپني کي وڌايل قيمتون بلن ۾ سامل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ وفاقي حڪومت، اوگرا سميت گيس ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے