13 جمعرات , دسمبر 2018

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز محمود جي ويڊيو منظر تي اچي وئي جنهن ۾ هن پنهنجي گمشدگي جي ترديد ڪندي چيو ته هو ڊي آءِ خان ۾ مائٽن سان ملڻ آيو آهي. اياز خان جي گهرواري پوليس کي درخواست ڏني هئي ته سندس مڙس آبپاره جي ڀرسان پنهنجي آفيس مان خميس جي شام جي 13 گهر وڃڻ جي لاءِ نڪتو پر گهر نه پهتو ۽ بعد ۾ رات 8 وڳي فون تي ٻڌايو ته ڪورنگ ٽائون ۾ آهي. گهرواري موجب اياز خان فون تي ڳالهائيندي ٽن اڻ لاڳاپيل ماڻهن سان گڏ هئڻ ۽ پريشاني جو ذڪر ڪيو، ان بعد سندس فون مسلسل بند رهيو، اياز خان جي ڌيءَ جي ڇنڇر تي شادي آهي، گهرواري اياز خان جي اغوا جو خدشو ظاهر ڪيو هو. ميڊيا تي خبرون نشر ٿيڻ بعد اياز خان جو هڪ ويڊيو پيغام سامهون اچي ويو جنهن ۾ هنن پنهنجي خيريت بابت اطلاع ڏنو. هن چيو ته آئون بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ ڊي آءِ خان ۾ مائٽن سان ملڻ لاءِ آيو آهيان. اياز خان چيو ته سندس موبائيل فون خراب هو جنهن جي ڪري هو گهروارن سان رابطو نه ڪري سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے