15 ہفتہ , دسمبر 2018

ظلم جو نشانو بڻجڻ جي باوجود ڪڏهن به انتقام جي سياست ناهي ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ظلم ۽ ناانصافين جو نشناو بڻجڻ جي باوجود انتقام جي سياست ناهي ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برداشت ۽ رواداري جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ دنيا ۾ رواداري کي هٿي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ساڄي ٻانهن جي سياست معاشرتي کل کي لوڏي ڇڏيو آهي، اڄ اتحاد جي نظريي کي خطرناڪ چيلينج آهن، بک ۽ جهالت جي خاتمي جي لاءِ مددگار ۽ اتحاد ناپيد ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي ۽ مقامي سطح تي تڪرار ۽ اختلاف ڪنڌ کڻي رهيا آهن، رواداري حقيقت ۾ دنيا ۾ امن جي لاءِ جدوجهد آهي، پيپلز پارٽي رواداري ۽ برداشت جي امين آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ظلم ۽ ناانصافين جو نشانو بڻجڻ باوجود انتقام جي سياست ناهي ڪئي، اسان هميشه رواداري جو جهنڊو بلند ڪيو، مفاهمت جا دروازا کليل رکيا ۽ اگتي به اِهو سلسلو جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے