10 پیر , دسمبر 2018

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نيب تي لڳايل بي بنياد الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس خلاف ڪيس عدالت ۾ آهي، هو ان ڪيس ۾ ضمانت تي آهي ان ڪري ادارو ڪيس جي ميرٽس تي تبصرو ڪرڻ مناسب نٿو سگهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان موجب اڳوڻي وائس چانسلر کي نيب 11 آڪٽوبر 2018ع تي گرفتار ڪيو جڏهن ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد هن ئي سال پهرين آڪٽوبر ۽ پيرا گون ڪيس ۾ نامزد جوابدار حاجي نديم 18 جون تي جوڊيشنل ڪسٽڊي تي جيل وڃي چڪو هو. ان ڪري ڊاڪٽر مجاهد جي انهن ڏينهن ماڻهن سان ملاقات ۽ ان ڪري لڳايل الزام گمراهه ڪندڙ آهن. نيب جي واش رومن ۾ ڪيميرا بابت الزام به بلڪل بي بنياد آهن. نيب جو چوڻ آهي ته ريمانڊ دوران ادارو ڊاڪٽر مجاهد سان سندس زال جي روزاني ملاقات جي اجازت ڏيندو هو، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا شڪايت هئي ته اُن وقت ڇو سامهون نه آندي وئي. نيب موجب اڳوڻي وائس چانسلر جي چيلهه ۾ سور جي درخواست جي ڪري کيس ميٽرس تي سمهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ان کان سواءِ نيب سان سلهاڙيل ڊاڪٽر سندس روزاني ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندا هئا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين لاهور جي دوري دوران نه رڳو پاڻ ڊاڪٽر مجاهد سان ملاقات ڪئي هئي پر سندس زال جي موجودگي ۾پنجاب يونيورسٽي جي استادن جي هڪ سان به ملاقات ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے