20 بدھ , فروری 2019

رپورٽ| رتوديرو: عوام جي دانهن تي ايس ايڇ او سوڌو ٿاڻي جو سمورو عملو معطل

لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي  پاران رتيديري ۾ کليل ڪچهري ڪرائي وئي، جنهن ۾ شهرين بدامني ۽ پوليس جي زيادتين جا ڍير لڳائي ڇڏيا

ان موقعي تي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش بد امني ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ۽ عوامي شڪايتن جو فوري نوٽس وٺندي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت پوري عملي کي معطل ڪيو

ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو ته جنهن به حد جي ٿاڻي تي ڪو ڏوه ٿيندو ته ان ٿاڻي جو ايس ايڇ او ذميوار هوندو

هن  چيو ته جلد رتوديرو ٿاڻي تي ايس ايڇ او سميت نئون عملو مقرر ڪري عوام جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو

رپورٽ: طفيل ساريو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پلواما حملي بعد ڀارت جون پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون …..!!!!!!

پلواما حملي بعد ڀارت جون پاڪستان تي حملي جون ڌمڪيون …..!!!!!!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے