15 ہفتہ , دسمبر 2018

ابوظهبي ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهي ورتيون

Pakistan to begin day two with eight-wickets in hand against New Zealand

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پاڪستان جي نيوزيلينڊ خلاف بيٽنگ جاري آهي. اڄ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف پنهنجي پهرين اننگز جو اسڪور 2 رانديگرن جي نقصان تي 59 رنسن سان اڳتي وڌايو ته اظهر علي 10 ۽ حارث سهيل 22 رنسن تي پنهنجي اننگز جو آغاز ڪيو پر ٻئي رانديگر گهڻو وقت ڪريز ٽڪي نه سگهيا ۽ 91 رنسن جي گڏيل اسڪور تي پاڪستان جون ٻه وڪيٽون ڪري پيون. اظهر علي 22 ۽ حارث سهيل 38 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. جنهن کانپوءِ بابر اعظم ۽ اسد شفيق ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ٻنهي رانديگرن وچ ۾ 83 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي اسد شفيق 43 رنسن بولٽ جو شڪار بڻيو، جنهن بعد ڪپتان سرفراز بيٽنگ ڪرڻ لاءِ آيو پر هو به گهڻي دير وڪيٽ ترسي نه سگهيو ۽ کيس ٻن رنسن تي پٽيل پويلين ڀيڙو ڪيو. هن وقت تائين پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، ڪريز تي بابر اعظم  43 ۽ بلال آصف 1 رنسن ٺاهي موجود آهن . ابوظهبي جي شيخ زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ڪالهه ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، نيوزيلينڊ طرفان اننگز جي شروعات جيت راول ۽ تام ليٿم ڪئي، پر اوپنر سٺي ڪاڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا ۽ 35 رنسن جي گڏيل اسڪور تي ٻئي اوپنر پويلين موٽي ويا، ڪيوي ٽيم جو سڀ کان سينيئر ۽ ڀلوڙ بيٽسمين روز ٽيلر پڻ 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو کيس ياسر شاهه وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد جي مدد سان پويلين جي راهه ڏيکاري. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ڪجهه مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجي ففٽي مڪمل ڪري هن 63 رنسون اسڪور ڪيون، پر سندس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ  ڪيوي ٽيم جو مڊل آرڊر گهڻي دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيو پوري ٽيم 153 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان جو ياسر شاهه سڀ کان ڪامياب بالر رهيو جنهن 3 ڪيوي بيٽسمينن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، حسن علي، محمد عباس ۽ حارث سهيل ٻه، ٻه شڪار ڪيا جڏهن ته بلال آصف جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. ابوظهبي ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم محمد حفيظ، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، ڪپتان سرفراز احمد، ياسر شاهه، بلال آصف، محمد عباس ۽ حسن علي تي ٻڌل آهي. هلندڙ سال قومي ٽيم جي ڪارڪردگي مثبت رهي، آئرلينڊ کي اڪيلي ميچ ۾ شڪست ڏني، انگلينڊ ۾ سريز 1-1 تان برابر ڪئي، جڏهن تي يو اي اي ۾ ڪينگروز تي 0-1 تان برتري حاصل ڪئي. واضح رهي ته ان کان اڳ قومي ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سريز ۾ 0-3 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ون ڊي سريز  آخري ميچ ۾ برسات ٿيڻ ڪري بنا نتيجي ختم ٿي ۽ سريز 1-1 تي برابر ٿي هئي.. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 نومبر تائين دبئي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 ڊسمبر تائين دبئي ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ شاهينن ڪيويز کي وائيٽ واش شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ون ڊي سيريز 1-1 تان برابر ٿي هئي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے