10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي معائنو ڪيو.

ايم ڊي سيڊا گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ ڏهر واهه، مسو واهه، دنگلي مائنر ۽ ٻين واهن جو پڻ دورو ڪيو.

ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ دوري کان پوءِ ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو تھ  ارسا طرفان سنڌ کي 40 فيصد گهٽ پاڻي ملي رهيو  آھي ۽ پاڻي جي کوٽ پڻ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.

 هُن چيو تھ  ھِن سال برساتون گهٽ ٿيڻ ڪري تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي ذخيرو گهٽ ٿيو آهي، جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ آھي.

سندس چوڻ هو تھ  گهوٽڪي فيڊر، روهڙي، ڪارو نارو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن بدين، سانگهڙ، دادو ۽ ٻين جا دورا ڪري رپورٽ وڏي وزير کي اماڻي ويندي.

هن چيو  تھ گهوٽڪي  فيڊر مان 9 لک 80 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، گهوٽڪي فيڊر ڪينال کي ساڍا 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملندو آهي، پر پاڻي  جي کوٽ سبب  پنج هزار ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن ڪري ربيع جي موسم ۾ فصل متاثر ٿي سگهن ٿا.

هن چيو تھ  ارسا سنڌ کي حصي مان گهٽ پاڻي ڏئي رهيو آهي، 91ع ٺاهه تحت سنڌ کي پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، جيڪا سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ڪرڻ جي سازش آهي.

ايم ڊي سيڊا چيو تھ  گهوٽڪي ڪينال، روهڙي ڪينال، ڪارو نارو، ڪينال، دادو ڪينال ۽ ٻين ڪينالن تي وارا بند ڪري آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، وارا بندي ذريعي پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آندو ويندو.

هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 31 مارچ تائين برقرار رهندي، آبادگار ايترو فصل پوکين جيتري پاڻي جي گنجائش هجي، اضافي پاڻي نه هئڻ ڪري آبادگارن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

ايم ڊي سيڊا  چيو ته پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري پڇڙي جا آبادگار پاڻي کان محروم بڻيل آهن.

ان موقعي تي چيف انجنيئر مراد مهر، ايڪسيئن نظير احمد شاهاڻي، ايس ڊي او سچل نائچ ۽  ٻيا پڻ گڏ هئا……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اردو تحقيقي ڪتاب “ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور” جي مهورت

ناميارن ليکڪن، شاعرن،  اديبن ۽ محققن چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ثقافت تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے