23 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ:سوڀوديرو: ڳوٺ زوار الياس مڱڻيجي جي رھواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

سوڀوديري ويجهو  ڳوٺ زوار الياس مڱڻيجي جي رھواسين پاران  پوليس  جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ڳوٺ زوار الياس جي رهواسين عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن مسمات خيران مڱڻيجو ، مسمات مٺڻ مڱڻيجو ، مسمات سڪينا مڱڻيجو ، فياض مڱڻيجو ، وسيم مڱڻيجو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو تھ سادا ڪپڙا پهريل پوليس پاڻ سان گڏ بااثر ماڻهن جا هٿياربند ساڻ ڪري سندن رات جو گهر ۾ داخل ٿيا.

هنن چيو تھ پوليس ۽ بااثرن گهر ۾ گهڙي سندن عورتن ٻارڙن ۽ مردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ جهڙتي بهاني پوليس پيتين جا تالا ٽوڙي روڪ رقم، سون ۽ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري کڻي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ سندن رڙين تي ڳوٺانا پهتا تھ بااثر ۽ پوليس اهلڪار فرار ٿي ويا.

هنن چيو تھ  پوليس جي تشدد ۾ اياز علي، مسمات سڪينھ، مسمات مٺڻ، مسمات خيران سخت زخمي ٿي پيون آهن.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو تھ سوڀوديرو پوليس بااثرن جي چوڻ تي سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس جون چڙهايون روز جو معمول بڻيل آهن.

هنن آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر  ڪليم امام ۽ ٻين وسوارن کان گهر ڪئي تھ معاملي جو نوٽيس وٺي  پوليس ۽ بااثر ماڻھن جي ظلمن کان کين نجات ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………….

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ٺٽي واسي آغا سراج دراني جي گرفتاري کي ڪيئن ٿا سمجهن؟؟

ٺٽي ۾ پ پ ڪارڪنن پاران آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف احتجاجي ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے