15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف انور زادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي انور زادي ٻڌايو ته ڇلگري ٿاڻي جي پوليس 4 ڏينهن اڳ سندس پٽ نادر حاجاڻو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو.

هن چيو تھ هاڻي پوليس سندس  هڪ ڪوڙي ڪيس ۾  گرفتاري ظاهر ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙ عورت ٻڌايو تھ  سندس پٽ ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث ناهي هو مزدوري ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهي، پوليس کيس بيگناهه گرفتار ڪري جيل اماڻيو آهي.

 هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………..

******

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے