12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ:ڀرياسٽي: ڳوٺ لڙھي ۾ ٻه ليٽر ڊيزل تان مري ۽ بگٽي برادري ۾ جهيڙو، 3ڄڻا زخمي

ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ لڙھي ۾  ٻه ليٽر ڊيزل تان مري ۽  بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ لڙهي ۾ مري ۽ بگٽي برادرين ۾ جهيڙي سبب ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن ۾ پيرسن مظهر علي ڀگٽي ، امتياز علي ڀگٽي ۽  محمد امين مري شامل آهن.

زخمين کي ڳوٺاڻن فوري طور تي کڻائي  ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ڀريا ٿاڻي تي ٻنهي  ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.

ان موقعي تي زخمي پيرسن مظهر علي ڀگٽي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون اصغر علي مري جو هارپو ڪنديون آهن.

هن چيو تھ هو  پنهنجي اوطاق تي ويٺا هئا تھ بلاول مري،  امين مري  ۽ دبئي مري زبردستي تيل کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهنجي روڪڻ تي هنن مٿان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هنن جا ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن……………..

رپورٽ-مجيد ڪيريو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺاڻن پاران راشن بيگ جي فهرست ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

چيلهار ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڳورهارين عورتن لاءِ راشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے