11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ:ڀان سيدآباد: پڇڙيءَ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف چوٿئين ڏينهن بھ احتجاج، ڌرڻو

ڀان سيدآباد  ۾ پڇڙيءَ جي  آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف چوٿئين ڏينهن بھ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو جاري رکيو.

دائم برانچ جي پڇڙي جي آبادگارن منظور جمالي، اختر جمالي، عباس جمالي، اڪبر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پاڻي کوٽ خلاف سي ايم او هائوس واهڙ اڳيان چوٿين ڏينھن بھ  علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ برانچ جي پڇڙي ۾ پاڻي اڻلڀ آهي، جنهن ڪري هو سال ۾ واحد ٿيندڙ ڪڻڪ جو فصل به نه پوکي سگهيا آهن.

 هنن چيو ته منڍ جا بااثر آبادگار سرعام پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، جڏهن تھ  آبپاشي عملدار ساڻن ٻٽ بڻيل آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ وڏي وزير کين  هفتي اندر دائم برانچ تي رينجرز مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر مهينو گذرڻ باوجود به شاخ تي رينجرز مقرر ناهي ٿي سگهي.

هنن چيو ته دائم برانچ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب 200 ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پاڻي ڍڪ لاءِ  تڙپي رهيا آهن، هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته راشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پاڻي پڇڙيءَ تائين پهچايو وڃي…………..

رپورٽ-آدم مينگل

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے