11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ:کپرو: مڪراڻي پاڙي جي رهواسي عورتن جو سانگهڙ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

کپرو  ويجهو  مڪراڻي پاڙي جي رهواسي عورتن  سانگهڙ پوليس جي مبينا  زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قادر بخش بلوچ ڪالوني جي عورتن  حاجران،  حسينا بلوچ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ  عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ هفتو اڳ پيرومل پوليس جي سچل سانگهڙ پوليس جي علڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽن پوليس موبائل سوارن اهلڪارن سندن گهر تي چڙهائي ڪئي.

هنن چيو تھ پوليس چڙهائي دوران عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد  عبدالعزيز کي بيگناه گرفتار ڪري مٿس ڪوڙو چوري جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ پوليس پيرومل ۾ غلام رسول بروهي کي بيگناه گرفتار ڪري مٿس چوري جو الزام هڻي مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن ايس ايس پي سانگهڙ کان  مطالبو ڪندي چيو ساڻن ٿيل پوليس گردي جو نوٽيس وٺي  انصاف ڪيو وڃي……………………

رپورٽ-عبدالرزاق راجپوت

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے