13 جمعرات , دسمبر 2018

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو: سي آءِ اي جاچ رپورٽ

CIA concludes Saudi Crown Prince behind Khashoggi murder: reportsواشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پنهنجي جاچ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ترڪي ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو هو. ياد رهي ته گذريل مهيني 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شهر استنبول ۾ قائم سعودي سفارتخاني مان سعودي صحافي جمال خاشقجي جي گم ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا هئا. ترڪ پوليس طرفان خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ته جمال خاشقجي کي سعودي سفارتخاني ۾ قتل ڪيو ويو آهي، سعودي اختيارين طرفان پهريان ته الزام جي سختي سان ترديد ڪئي وئي، پر بعد ۾ سعودي اختيارين ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ورتو ته صحافي جمال خاشقجي استنبول ۾ قائم سفارتخاني ۾ جهيڙي دوران فوت ٿي چڪو آهي، پرسندس لاش اڃا ظاهر ناهي ڪيو ويو. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪي اختيارين سي آءِ اي جي جاچ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن موجب 15 سعودي ايجنٽن تي ٻڌل هڪ جاچ ٽيم آڪٽوبر ۾ حڪومتي جهاز ۾ ترڪي جي شهر استنبول پهتي ۽ سعودي سفارتخاني ۾ جمال خاشقجي کي قتل ڪيو، جيڪو اتي پنهنجي ترڪ مڱيندي سان شادي ڪرڻ لاءِ گهربل ضروري دستاويز وٺڻ لاءِ آيو هو. پنهنجي جاچ ۾ سي آءِ اي ڪيترن ئي ڳهجن ذريعن جو جائزو ورتو. جن ۾اها فون ڪال به شامل آهي، جنهن ۾ آمريڪا ۾ مقرر سعودي سفير ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي ڀاءُ خالد بن سلمان جي مقتول صحافي جمال خاشقجي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان معاملي کان آگاهه ماڻهن نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو ته  خالد بن سلمان جمال خاشقجي کي چيو ته هو سعودي سفارتخاني وڃي گهربل دستاويز حاصل ڪري ۽ ان سان گڏ هن کيس اها خاطري ڪرائي ته اهو ڪم بنهه محفوظ هوندو. رپورٽ ۾ فون ڪال کان آگاهه ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته سعودي ولي عهد جي سيڪيورٽي آفيسر مهر مرتب محمد بن سلمان جي ويجهي ساٿي سعود القهتاني کي فول ڪال ڪري آپريشن مڪمل ٿيڻ واري خبر ڏني. سي آءِ اي ان جاچ جا نتيجا سعودي حڪومت جي ان بيانن جي بنهه ابتڙ آهن، جن ۾ هو ان قتل ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن. ٻئي پاسي وائٽ هائوس واشنگٽن پوسٽ ان رپورٽ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهو هڪ ڳجهو معاملو آهي. انکانسواءِ اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ طرفان پڻ رپورٽ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. رپورٽ موجب في الحال اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ڇا واقعي خالد بن سلمان اها ڳالهه ڄاڻيندو هو ته جمال خاشقجي کي سعودي سفارتخاني ۾ قتل ڪيو ويندو، پر هن پنهنجي ڀاءُ جي چوڻ تي اها فون ڪال ڪئي. جڏهن ته خالد بن سلمان واشنگٽن پوسٽ جي ان رپورٽ جي پڌرو ٿيڻ کانپوءِ جمال خاشقجي کي سعودي سفارتخاني وڃڻ جي تجويز ڏيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ هن ٻڌايو ته هن جي سعودي صحافي سان آخري ڀيرو ڳالهه ٻولهه سندس قتل کان اڳ هڪ سال اڳ 26 آڪٽوبر 2017 تي هڪ ٽيسڪٽ ميسچ ذريعي ٿي هئي. خالد بن سلمان لکيو ته هن صحافي سان ڪڏهن به فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ۽ نه هن کيس سعودي سفارتخاني ۾ وڃڻ جي صلاح ڏني، منهنجو مطالبو آهي ته آمريڪي حڪومت ان دعويٰ بابت معلومات جاري ڪري. پنهنجي ٻي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته بدقسمتي سان واشنگٽن پوسٽ ان معاملي تي سندس جو مڪمل  جواب نه ڇپيو واضح رهي ته ٻه ڏينهن سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو ته صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي عالمي سطح تي جاچ وارو مطالبو منظور ناهي. رياض ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته صحافي جمال خاشقجي جو قتل انتهائي ڀوائتو ڏوهه آهي جنهن جي هر سطح تي جاچ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب ۾ شفاف ۽ آزاد عدالتي نظام موجود آهي تنهنڪري خاشقجي قتل ڪيس جي عالمي سطح تي جاچ وارو معاملو منظور ناهي. عادل الجبير وڌيڪ چيو ته خاشقجي جي قتل کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ سعودي عرب جي گهرو معاملن ۾ مداخلت قبول ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے