13 جمعرات , دسمبر 2018

ٿر ۾ ڏڪار ۽ موت جا لامارا……

ٿر مان ڏڪار جي هاڃين ۽ معصوم ٻارڙن جي فوتگين جون خبرون مسلسل اچي رهيو آهن، جڏهن ته ڏڪار ڪري پيدا ٿيل خوارڪ جي شين جي قلت ۽ پاڻيءَ جي آر او پلانٽس جي بحال نه ٿيڻ ڪري صورتحال ويتر سنگين ٿي وئي آهي، پر مجموعي صورتحال مان جيڪا ڳالهه وڌيڪ تڪليف واري آهي اها علاج جي اڻهوند ڪري ٿر ۾ تازن ڄاول ٻارن جي مسلسل موتن جون خبرون آهن، جنهن مان اهو اندزو لڳائن مشڪل نه آهي ته ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار اڳ جيڪي هنگامي اپاءِ ۽ انتظام ڪرڻ جا اعلان ڪندي رهي آهي انهن جو ڪوبه اثر تاحال نڪري نه سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو سميت سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جا دورا، اعلان ۽ اپاءُ به جهڙوڪر ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيا آهن، اطلاع آهن ته گذريل پندرنهن ڏينهن ۾ ٿر جي مختلف علائقن ۾ 33 ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن جڏهن ته سوين ٻارڙا مختلف طبي مرڪزن ۾ علاج هيٺ آهن،

تفصيلي اطلاعن موجب ٿر ۾ ڏڪاري حالتن ڪري وڌيڪ پنجن مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون آهن، علاج جي اڻهوند يا سهولتن جي فقدان ڪري سوين ٻارڙا اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ڏڪار ڪري غذائي کوٽ انتهائي سنگين ٿي وئي آهي جنهن ڪري به مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي جنهن جو نشانو وري ٻارڙا ئي ٿين ٿا جنهنڪري معصوم ٻارڙن جي موت جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. رڳو سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، فوتي ٻارڙن ۾ ڳوٺ سانياسر جي رهواسڻ هڪ سالا رضوانه ڌي عبدالخالق، ڳوٺ سوندر جي عرس راڄڙ ۽ آچار جي تازن ڄاول ٻارڙن سميت ڳوٺ ٻڍو جي رهواسي ٻن مهينن جو ناظم ولد منظور چانڊيو شامل آهن، جنهن بعد هلندڙ مهيني جي پندرنهن ڏينهن اندر فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو آهي.  هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جي انگ ۾ اضافي بعد مجموعي طور تي فوتي ٻارڙن جو انگ 545 ٿي ويو آهي، رڳو سول اسپتال مٺي ۾ 36 ٻارڙا زيرعلاج آهن باقي ضلعي جي ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ سوين ٻارڙا داخل آهن، داخل ٻارڙن ۾ اڪثر ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، انهيءَ سان گڏ نمونيا، ٿڌ، زڪام سميت ٻين ڪيئي بيمارين ۾ ورتل آهن، ٿر جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن ڳوٺن ۾ ڪيتريون ئي ڊسپينسريون بند پيل آهن ۽ هلندڙ ڊسپينسرين ۾ ڪابه سهوليت موجود ناهي،

ٿر ۾ ٻارن جي هاڻوڪين فوتگين جي واقعن سميت ڪيئي ڏکوئيندڙ واقعا ٻيا پڻ پيش آيا آهن جن مان صحت جي سهولتن جي اڻهوند جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي، واقعي موجب مٺيءَ کان اٺ ڪلوميٽر پري ڳوٽ مالڻهور جي هڪ عورت سانوڻ ڀيل تازي ڄاول ٻار کي سيءَ کان بچائن لاءِ رليءَ ۾ ويڙهي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بندي ڪري اٺ ڪلوميٽر واريءَ جو پنڌ ڪري جڏهن مٺي اسپتال پهتي ته ڊاڪٽر پڻ حيران ٿي ويا، ڊاڪٽرن رلي ۾ ويڙهيل ٻارڙي کي رليءَ سميت ٿيلهي مان ڪڍي اسپتال داخل ڪيو، ايمبولنس نه ملڻ ڪري عورت اٺ ڪلوميٽر واريءَ جو پنڌ ڪري ٻارڙو کڻي اسپتال پهتي،اهڙي واقعي بعد صحت کاتي جون ٿر ۾ سهولتون هجڻ واريون دعوائون وائکيون ٿي ويون آهن، ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشان آهن،ضلعي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي ڀرسان 8 ڪلوميٽرن تي قائم ڳوٺ مالڻهور جي صورتحال اصل ۾ سڄي ٿر جي صورتحال جي عڪاسي ڪري رهي آهي.

ٿر ۾ گذريل پندرنهن ڏينهن دوران جيڪي واقعا پيش اچي چڪا آهن ۽ مختلف علائقن ۾ جيڪي 35 ٻارڙا اجل جو شڪار ٿيا آهن، اهڙن واقعن ۽ ٻارڙن جي فوتگين سنڌ سرڪار طرفان ٿر ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق جيڪي به واعدا۽ اعلان ڪندي رهي آهي گهٽ ۾ گهٽ انهن سڀني واعدن ۽ اعلانن جي پت وائکي ٿي پئي آهي، سوال هي نه آهي ته سنڌ سرڪار ڪوششون نه ٿي ڪري، پر سوال هي آهي ته ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار جيڪي ڪوششون ڪيون آهن انهن جو ڪو کڙ تيل ڇو نه ٿو نڪري، ڇا سنڌ سرڪار جي کاتن ۾ ڪا کوٽ آهي يا عمدارن جي ڪا نااهلي آهي؟ آخر ڪار عوام کي ڪا ته خبر پوڻ گهرجي،

اسين اڳ به پنهنجن ڪيترن ئي ايڊيٽوريلز ۾ اهي گذارشون ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ حڪومت ٿر طرف مڪمل توجهه ڏئي ۽ ڏڪاري حالتن ڪري خوراڪ جي ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صحت جون سهولتون فراهم ڪري، پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي، ٿر جو ماڻهو اوهان کان ٻيو ڪجهه نه ٿا گهرن، سندن گهُر فقط صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ قدرتي آفتن دوران مدد ٿو گهري جيڪو سندن حق ۽ حڪومت جو فرض آهي، پر اسان کي افسوس سان اها ڳالهه چوڻي ٿي پوي ته اڳ سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي صحت واري وزير ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جيڪي ٿر جا دورا ڪيا هيا، هنگامي بنيادن تي اپاءَ کڻڻ جا اعلان ڪيا هيا ، حالتن جي سنگيني اهو ٻڌائي رهي آهي ته انهن واعدن، اعلانن ۽ اپائن تي ڪوبه عمل ٿي نه سگهيو آهي جنهن ڪري حالتون ابتر ٿينديون پيون وڃن.

گذريل پندرنهن ڏينهن دوران 35 ٻارن جو فوت ٿيڻ ڪا ننڍڙي ڳالهه نه آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت هاڻي هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺي ته جيئن وڌيڪ ٻارن جي فوتگيءَ وارن واقعن کان بچي سگهجي، پنهنجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين جو تحفظ ڪرڻ ئي حڪومت جي پهرين ذميواري هوندي آهي، جيڪا سنڌ حڪومت اڃان پوري ڪري نه سگهي آهي.

ڇنڇر 17 نومبر 2018ع، 8 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے