13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪراچي جي علائقي قائدآباد ۾ ڌماڪا، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪورنگي ويجهو ملير جي علاقي قائد آباد ۾ فلاءِ اور جي هيٺان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽  10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.ڌماڪي واري جاءِ تان هڪ ٻيو بم بھ برآمد ٿيو آهي، جنهن کي ناڪارا بڻايو ويو آهي.ڌماڪي ۾ مارجي ويل هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ 16 ورهين جي پپو نالي ٿي آهي جڏهن تھ ٻئي جي سڃاڻپ نھ ٿي سگهي آهي ۽ زخمين ۾ رفيق، مشتاق، بلال، حق نواز، صديق دائود، ارسلان طارق، الله ڏتو، قمر عباس، شهاب الدين، منير ۽ شاهد شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي تھ فلاءِ اوور هيٺان ڌماڪي بعد علائقي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي جڏهن تھ ڌماڪي ۾ ويجهين عمارتن جا شيشا پڻ ٽٽي ويا. ايس ايس پي ملير موجب اطلاع ملندي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن تھ بم ڊسپوزل اسڪواڊ بھ ڌماڪي واري جاءِ تي پهچي ويو. بم  ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪي جي جاءِ تان ٽفن ۾ موجود هڪ ٻيو بم بھ هٿ ڪيو ويو، بم جو وزن اٽڪل اڌ ڪلو گرام هو. ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ جو چوڻ آهي تھ لڳي ائين ٿو تھ ڪنهن گاڏي جي هيٺان ڪو  ٿيلهو رکيو جنهن ۾ ڌماڪو ٿيو.ٻئي پاسي سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب ميڊيا سان ڳالهايئندي چيو تھ لڳي ٿو تھ ڌماڪي ۾ گهٽ شدت وارو مادو استعمال ڪيو ويو.ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئيوڏي وزير اسپتال انتظاميھ کي زخمين کي بهتر طبي امداد فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌماڪي جي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ پڻ  طلب ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر جو مُلهه وڌڻ معيشت لاءِ ضروري آهي: اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا چيو آهي ته ڊالر جو …