18 پیر , فروری 2019

جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس: انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدارن انور مجيد، عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي کي ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف چسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو ته انور مجيد کي پمز اسپتال جڏهن ته عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي، هي ماڻهو وڏا بااثر آهن ڪراچيءَ ۾ سندس حڪومت آهي، کين اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي ته جيئن آزاداڻي نموني جاچ ڪري سگهجي. مڪمل جاچ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته کين واپس موڪليو وڃي، اسان جي آءِ ٽي انڪري جوڙي جوڙي هئي ته جيئن ڄاڻي سگهون ته ڪڪ بيڪس( رشوت) جي پيسن کي قانوني ڪيئن بڻايو ويو. ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته انور مجيد جاچ ۾ سهڪار ناهي ڪري رهيو، چيف چسٽس چيو ته هاڻ جي آءِ ٽي کي بااختيار بڻايو ويو آهي ته ڏهن ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪريو، جيڪڏهن انور مجيد عام جهاز تي نٿو اچي سگهي ته ايئر ايمبولنس ۾ وٺي اچوس. انور مجيد جي وڪيل عدالت هر هر استدعا ڪئي ته جوابدار کان ڪراچي ۾ پڇاڳاڇا ڪئي وڃي پر عدالت سندس درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهان جي اصرار تي اسان اڃا وڌيڪ غيرمطمئن ٿي رهيا آهيون ته ان پٺيان ڪو ڪارڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے