23 بدھ , جنوری 2019

وزيراعظم کانپوءِ صدر عارف علويءَ به ”يوٽرن“ وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو

After the President, President Arif Alvi will also be "confessed to take a chance."لاهور (ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي به يوٽرن وٺڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته فيصلا حالتن موجب ڪيا ويندا آهن. لاهور ۾ گهرواري سان گڏ مقامي شاپنگ مال آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر مملڪت چيو ته مان زندگي ۾ ڪيئي ڀيرا يوٽرن ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حالتن جي جي مناسبت سان فيصلا ڪيا ويندا آهن. شاپنگ مال ۾ صدر پاڪستان ۽ سندس گهرواري ڪافي پيتي ۽ ماڻهن سان تصويرون پڻ ڪڍرايون. ان موقعي ته صدر عارف علوي جي گهرواري جو چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن به سياسي سوال جو جواب نه ڏيندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڪالهه ڪالم نگارن سان ملاقات دوران چيو هو ته حالتن موجب يوٽرن نه وٺندڙ ليڊر نه بيوقوف هوندو آهي، هٽلر ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي نقصان کاڌو. وزيراعظم جي اهڙي بيان هر پاسي هلچل مچائي ڇڏي ۽ ان حوالي سان مخالف ڌر طرفان پڻ ردعمل ۽ بيانن جو سلسلو جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال آپريشن …….. راجا بشارت وري ٻيو بيان ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے