14 جمعہ , دسمبر 2018

پوليس طرفان مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پوليس جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه سميع الحق جي قتل ڪيس جي جاچ وارو معاملو اهم رخ اختيار ڪري ورتو آهي. راولپنڊي جي اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم سيشن جج راولپنڊي کي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت درخواست سيشن جج نوشهره ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. سيشن جج نوشهره طرفان حڪم ملڻ تي لاڳاپيل مجسٽريٽ مولانا سميع الحق جي وارثن، مقامي پوليس ۽ اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاچ ٽيم جي سب انسپيڪٽر جميل جي قيادت ۾ پوليس ٽيم اڪوڙا خٽڪ ۾ موجود آهي ٽيم کي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ عدالتي ڪاروائي مڪمل ٿيڻ تائين اتي ئي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. راولپنڊي پوليس جي ايس ايڇ او ايئرپورٽ اسنپيڪٽر عامر، مولانا سميع الحق جي سيڪريٽري احمد شاهه کي ڳولي راولپنڊي آڻڻ لاءِ به اڪوڙا خٽڪ ۾ موجود آهي جڏهن ته مولانا سميع الحق جي ٻن موبائيل فون ۽ سيڪريٽري سيد احمد شاهه جي موبائيل نمبرن جي فرانزڪ رپورٽ پوليس ملي وئي آهي. پوليس موجب مولانا عام فون ۽ سيڪريٽري احمد شاهه سمارٽ فون استعمال ڪندا هئا، احمد شاهه طرفان گهڻي قدر فون ڪال سمارٽ فون اپليڪيشنز واٽس ايپ، وائبر ۽ ايمو وغيرا تي ڪيون ويون، تنهنڪري پوليس سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي. سي پي او راولپنڊي عباس احسن ۽ ايس آءِ ٽي جي سربراهه امير عبدالله نيازي جي سربراهي ۾ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ ايس آءِ ٽي ڪرايم سين ٻيهر جوڙي چئن ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي. واقعي واري هنڌ تان ملندڙ پنجن ڄڻن جي ڊي اين اي ميچ ڪرائڻ لاءِ 7 ڄڻن جي ڊي اين اي فرانزڪ ايجنسي ڏانهن اماڻيا ويو آهي ۽ ان رپورٽ جو به انتظار ڪيو آهي. پوليس قتل ڪيس جو ابتدائي چالان پڻ ايندڙ 48 ڪلاڪن کان 72 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته 2 نومبر تي راولپنڊي جي علائقي ٿاڻي ايئرپورٽ جي حدن ۾ جمعيت علماءَ اسلام (س ) جي سربراهه مولانا سميع الحق کي سندس گهر ۾ قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …