11 منگل , دسمبر 2018

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجه آصف

PM Imran Khan will take a U-turn on his U-turn statement: Khawaja Asifاسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته وزيراعظم يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف وزيراعظم عمران خان جي ڪالهه ڏنل يوٽرن واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو جڏهن ته کيس بيان واپس وٺڻ ۾ گهڻي دير نه لڳندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪالم نگارن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان چيو هوته جيڪو حڪمران حالتن موجب يوٽرن نه وٺي اهو ليڊر نه بيوقوف هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے