10 پیر , دسمبر 2018

 ڪراچي: ايمپريس مارڪيٽ ۽ ان جي چوڌاري 2500 دڪان ڪيرايا ويا: رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) صدر ۽ ڀرپاسي ۾ٿيندڙ  حددخلين خلاف آپريشن جي رپورٽ  ڪي ايم سي  ، ڪمشنر ڪراچيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آپريشن دوران 2500 دڪان ڪيرايا ويا.ٻڌايو ويو تھ  ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن اينٽي انڪروچمنٽ سان لاڳاپيل سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جي  رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا 5 کان 15 نومبر تائين ڪيل گرينڊ آپريشن تي ٻڌل  آهي. ڪمشنر کي موڪليل رپورٽ ۾  آپريشن کانپوءِ جون تصويرون پڻ پيش ڪيون ويون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايمپريس مارڪيٽ جي بحالي لاءِ  6 آر سي سي بيسمنٽ ۽ 2 ماڙ عمارت پڻ مسمار ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب سهراب خٽڪ روڊ تي قائم  480 غيرقانوني دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن جڏهن تھ سرمد شهيد روڊ تي 150 حددخلين، ۽ شارع عراق تان 450 ريڙها پڻ هٽايا ويا آهن.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي  اڪبر روڊ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ 7 هزار 5 سئو  سن شيڊر ٽوڙيا ويا جڏهن تھ زيب النساءَ اسٽريٽ، ميگزين لائن، عبدالله هارون روڊ، راجا غضنفر علي روڊ ۽ مير ڪرم علي ٽالپور روڊ تي پڻ حددخليون مسمار ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي ڪابينا جو 9 ڪلاڪ ڊگهو اجلاس، عمران خان 26 وزارتن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جيڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے