23 ہفتہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو دائرو وڌايو ويندو: وسيم اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي وسيم اختر چيوآهي ته ڪراچي ۾ حددخلين خلاف جاري آپريشن جو دائرو وڌايو ويندو. ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 12 مئي سانحي جي ٻن ڪيسن ۾ پيشي کانپوءِ ميئر ڪراچي وسيم اختر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي چيو هو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي معاملا حل ڪرڻا پوندا،  هن چيو ته ماڻهو رضاڪاراڻي طور پاڻ حددخيلون ختم ڪري رهيا آهن فٽ پاٿ ماڻهن هلڻ لاءِ هوندو آهي، حددخلين لاءِ نه، ڪراچيءَ ۾ جنهن جي جيڪا دل چوندي آهي هو اهو ڪندو آهي. ميئر ڪراچي جو چوڻ هوته سپريم ڪورٽ ماڊل طور تي صدر کي صاف ڪرڻ جو چيو، هاڻي ڪي ايم سي حددخلين خلاف ڪاروائي جو دائرو اڳتي وڌائيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے