15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو

سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن جو به ذڪر ٿئي ٿو  جتي انسان پيدا ٿيندو اتي انهي جا اهي حق به جنم وٺندا جيڪي هن جي پئدائش سان ئي انهن جو بنيادي حق آهن، پوري دنيا جي هر سماج ۾ هر انسان جا ڪُجهه حق ۽ ڪُجهه آزاديون هنن جي جنم سان جنم وٺن ٿيون ، جنهن حوالي سان هر مُلڪ جي آئين ۾، اُتان جي رهواسين کي ڪافي بنيادي حق حاصل آهن، جن ۾ انسان جا اهڙا فطري حق به شامل آهن، جيڪي ان کان ڪڏهن به قانون ڏاڍ  يا دستور ذريعي کسي نه ٿا سگهجن جيڪي حق سڀ کان پهريائين 1789ع فرانسيسي انقلاب کان پوءِ جوڙيل  اقوام متحده جي  1948ع واري  ”انساني حقن وارو عالمي پڌرنامو“ پيش ڪيا ويا. انهيءَ پڌرنامي کانپوءِ ڪافي ملڪن  انهيءَ تي عمل ڪندي اڳتي نڪري ويا جڏهن ته ڪافي ملڪن ۾ انسانن جي بنيادي حقن کي ڪابه اهميت نه ڏني وئي جنهن ۾ پاڪستان سڀ کان اول ملڪ سڏيو وڃي ٿو هي ملڪ جتي هڪ صوبي لاءِ هڪ قانون ٻئي صوبي لاءِ ٻيو قانون جڏهن ته ٽئين صوبي لاءِ الڳ قانون جهڙا ناحق روز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جنهن سبب ننڍن صوبن ۾ انهيءَ محرومين جو سفر سامهون اچي ٿو جيڪا محرومي سنڌ صوبي جو مقدر بڻجي چڪي آهي هن ملڪ ۾ برابري جي بنياد تي ڪڏهن به صوبن سان انصاف نه ٿيو ۽ ڏاڍ جي بنياد تي هڪ صوبي پنهنجو سڀ ڪجه وصول ۽ حاصل ڪيو جنهن سبب سنڌ ۾ احساس محرومي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ۽ نا انصافين جي اها داستان آڏو  اچي ٿي جنهن کي ٻڌي ئي سنڌ جو عوام روئڻ لڳي ٿو احساس محرومي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ۽ وڏي صوبي جو ننڍي صوبي سنڌ مٿان ظلم مٿان ظلم هاڻي ته روز جو معمول بڻجي چڪو آهي.

سنڌ ۾ انساني حقن ۽ سنڌ جي حقن جي ڪيتري لتاڙ ٿي رهي آهي، اهو حال اڄ مهيني يا هفتي کان نه پر سنڌ جو اهو حال ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آهي پر اڄ تائين انهن ڏهاڪن ۾ اهڙو ڪو به جمهوري يا سياسي دور نه آيو آهي جيڪو سنڌ جي اهڙي ڳڻتيءَ جو ڳي صورتحال تي سنڌ جي زخمن تي مرهم ثابت ٿئي، ملڪ ۾ سالن کان جمهوريت ۽ سياست جا چهرا تبديل ٿيندا رهن ٿا پر سنڌ لاءِ هر دور نئين انساني حقن جي لتاڙ جي اهڙي ته تاريخ رهرائي وڃي ٿي جو سنڌ جو ماڻهون سوچي ٿو ته انهي دور کان ته گذريل دور ڪجه بهتر هو هر دور سنڌ لاءِ ڏکيو هر دور سنڌ لاءِ تڪليف ڏيندڙ انهن پيڙاهن جي وچ ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڪهڙو وقت گذري ٿو اهو سنڌ جو ماڻهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جتي اڄ تائين ڪڏهن به رياستي يا قانوني ادارن اک ورائي سنڌ جي ماڻهن طرف ڏٺو به نه  آهي ته سنڌ جو ڪهڙو حال آهي سنڌ جي ماڻهن جو ڪهڙو حشر آهي. اهڙي صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ احساس محروميءَ جي ڪيتري شدت آهي ۽ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪيڏي زور شور سان ٿي رهي آهي،  سنڌ جا لکين  ماڻهون اڌ صديءَ کان اهو احتجاج ڪندا اچن ٿا پيا  ته سنڌ جي ماڻهن کي احساس محرومي جي اوندهه مان ڪڍيو وڃي سنڌ مان انساني حقن جي عروج تي پهتل لتاڙ کي ٻنجو ڏنو وڃي، سنڌ جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي سنڌ کي انساني ۽ بنيادي حق پاڻيءَ جي حق تي محروم رکڻ کان پاسو ڪيو وڃي سنڌ مان هزارين مسنگ پرسن کي آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن انهن جو ڏوه آهي ته انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سنڌ انساني حقن جي جدوجهد ۾ هيمشا اڳ اڳ رهي آهي اڄ افسوس سان چوڻو پوري ٿو ته اها ئي سنڌ انهيءَ انساني حقن جي لتاڙ جو سڀ کان وڌ ۾ وڌ شڪار آهي جنهن سنڌ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن جي اعليٰ معيار لاءِ هميشا آواز اٿاريو، انساني حقن جي عالمي پڌرنامي موجب راءِ جي اظهار جي آزادي هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، نه رڳو انساني حقن جو عالمي پڌرنامو پر پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 تحت به شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، سواءِ ان جي جو ان سان ڪا مذهبي دل آزادي نه ٿئي يا وري ان ڏس ۾ جيڪي قانون آهن تن جي ڪا ڀڃڪڙي نه ٿئي،  جهڙي نموني صحت، تعليم، روڊ رستا، پيئڻ جو صاف پاڻي، انسان جا بنيادي حق آهن اهڙي طرح ڪنهن معاملي تي کليل نموني پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ به بنيادي انساني حق آهي ۽ پريس جي آزادي به بنيادي انساني حق آهي. بنيادي انساني حقن جي پاسداري ۽ تحفظ سان ئي معاشرا اڳتي وڌي به سگهن ٿا ۽ ترقي به ڪري سگهن ٿا.

اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري اڻ چونڊيل حڪومتن يا آمريتن جي دورن ۾ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي به ٿيندي رهي آهي ته ميڊيا سينسر شپ به ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آمريت ۾ ساڳيو ئي اظهار جي آزاديءَ تي راتاها ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون نظر اچن ٿيون، جهڙي طرح ملڪ جي هر شهري کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن احتجاج جو آئين ۾ حق حاصل آهي بلڪل اهڙي طريقي سان سنڌ جي عوام کي به هن ملڪ جو شهري ۽ محب وطن سمجهي جدوجهد جو آئيني ۽ جمهوري حق ملڻ گهرجي. سنڌ جا ماڻهون صرف انساني حقن جا گهرجائو آهن سنڌ جا ماڻهون صرف بيوالقوامي قانوني دائري ۾ گهرجون گهريون آهن جيڪي سنڌ جي ماڻهن جو بنيادي حق آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے