15 ہفتہ , دسمبر 2018

مائنس هڪ، ٻه ۽ هاڻي ٽي…

عاصمه شيرازي

اوهان مان سياسي شعور ۽ ڄاڻ رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي اها ڳالهه چڱيءَ ريت ياد هوندي ته آگسٽ 2015ع کان پهريان ملڪ ۾ مائنس ون جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ پئي آيا، تڏهن مائنس ون جون اهڙيون ڳاليهون ڪيترن تصديق جوڳن ذريعن کان معلوم ٿينديون هيون، ۽ مائنس ون جي سلسلي ۾ مائنس الطاف حسين جو ذڪر بار بار ٿيندو هيو، جنهن لاءِ رستو الطاف حسين پاڻ ملڪ دشمن نعرا هڻي هموار ڪيو هو.  پوءِ ڇا ٿيو، اها سڀني کي خبر آهي جو اڄ ڏينهن تائين ٽي وي تي الطاف حسين جو نالو وٺڻ تي بندش آهي، الطاف حسين بعد ۾ معافي تلافيءَ جون ڪيئي ڪوششون ڪيون پر ڳالهه نه ٺهي.

خير هاڻي ته ڪراچيءَ جو مينڊينٽ ئي سندن هٿن مان نڪري ويو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ تبديليءَ جي سونامي اچي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي شهرن جي سياسي قيادت ئي تبديل ٿي چڪُي آهي. ڪراچيءَ جي نوجوانن پنهنجي سياسي قائد طور عمران خان جي چونڊ ڪري تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو جنهن تي تحريڪ انصاف کي مبارڪون هجن، تحريڪ انصاف جي ڪامياب ٿيڻ سان جهڙوڪر مائنس ون وارو فارمولو ڪامياب ٿي ويو ۽ اهڙي تبديليءَ جي خوشيءَ ۾ دهل وڄايا ويا، هيءَ اها تبديلي هُئي جنهن جي اچڻ  بعد “ سگهارين ڌرين” ان کي وساري ڇڏيو هو.

ان بعد وري ٻيو مائنس جولاءِ 2017ع ۾ شروع ٿيو جڏهن هڪ چونڊيل وزيراعظم کي اقامي جي بنياد تي گهر موڪليو ويو، مٿس لنڊن جي گمنام مليڪتن جي الزامن ۾ ڪيس هليا، جيل جي سزا ٿي ۽ بعد ۾ هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو. نواز شريف ضمانت تي جيل مان ته آزاد ٿي ويو پر سندس نااهلي زندگيءَ ڀر ساڻس گڏ رهندي، ۽ هو سموري ڄمار نااهل چورايو ويندو. اهڙي نموني نواز شريف پارٽيءَ جي صدارت واري عهدي کان ٻاهر ٿي ويو ۽ پوءِ ملسم ليگ ( ن ) وڃي مسلم ليگ ( ش) بچي.

ميان نواز شريف سويلين بالادستيءَ جو نعرو کڻي لنڊن مان پاڪستان آيو، گرفتار ٿيو، جيل ويو ۽ بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ هاڻي پنهنجي راءِ ونڊ جي محل ۾ نظربند آهي. هاڻي مسلم ليگ ميان شهباز شريف هلائي رهيو آهي ۽ ميان شهباز شريف “ سگهارين” ڌرين وٽ اڄ به قابل قبول آهي ۽ کيس لاءِ ڪافي نرم گوشو پڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو شهباز شريف مستقبل لاءِ هڪ بهترن چوائس پڻ آهي. مائنس ٽو جي معاملي تي پنجاب ۾ ٿورو گهڻو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو جيڪو اچڻ به گهرجي ها ڇو جو ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي جيڪو ماضيءَ ۾ اسٽبلشمينٽ جو منظور نظر رهي چڪو هُجي، ان کي برطرف ڪرڻ تي ته احتجاج ٿيڻ به گهرجي ها، بحرحال اهو مائنس به مينيج ٿي ويو. هاڻي پارٽي شهباز شريف هلائي رهيو آهي ۽ پارٽيءَ جي اڪثريت قيادت ان خيال تي متفق آهي ته ميان صاحب جي ٽڪراءَ واري سياست تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي تنهنڪري هاڻي اهو بهتر ٿيندو ته ميان صاحب راءِ ونڊ ۾ قيام ڪري ۽ پنهنجي زبان بند رکي، ڪورٽن ۾ داخل پنهنجي اپيلن جي فيصلن ۽ مناسب وقت جو انتظار ڪري.

شهباز شريف وٽ ووٽ بئنڪ اهڙي صورت ۾ موجود نه آهي جهڙي صورت ۾ نواز شريف وٽ هوندو هيو اهو ئي سبب آهي جو موجوده  حڪومت ۽ پنجاب جو وڏو وزير بار بار پنجاب جي سياست جي حوالي سان شهباز شريف جي اهميت ۽ افاديت جو ذڪر ڪري چڪا آهن. رهيو سوال نواز شريف جي ووٽ بئنڪ جو ته اهو ووٽ بئنڪ ڪنهن سياسي قيد جي سلسلي بعد شهباز شريف طرف به مڙي سگهي ٿو.

بي نام مليڪتن بعد هاڻي وارو آهي بينام بنئڪ اڪائونٽس جو جڏهن ته مني لانڊرنگ جا ڪيئي ڪيس سپرين ڪورٽ ۾ هلندڙ آهن. هر ايندڙ ڏينهن اربين روپين جا بي نام اڪائونٽ منظر عام تي اچي رهيا آهن، اهڙن ئي ڪجهه بي نام اڪائونٽس جي سلسلي ۾ آصف علي زرداريءَ جو هڪ ويجهو دوست گرفتار ٿيل آهي ۽ تاثر اهو پيو ڏنو وڃي ته اهي اڪائونٽ آصف علي زرداريءَ جا آهن.

هاڻي هڪ دفعو وري مائنس ٽي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ هاڻي مائنس ٽي لاءِ آصف علي زرداريءَ جي نالي جا پڙها اچي رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ ۾ سافٽ ڪارنر ڪنهن لاءِ آهي اها ڳالهه ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر حقيقت حال اها آهي ته هاڻي زرداريءَ جي مٿان مائنس زرداريءَ جي تلوار ٽنگيل آهي. ماضيءَ ۾ اهڙا قانون پئي جوڙيا ويا آهن جن ذريعي سياستدانن کي سياست کان آئوٽ پئي ڪيو ويو آهي، اهڙن قانونن ۾ ايبڊون  ( چونڊيل نمائندن جي نااهليءَ جو آرڊر 1959ع پڻ شامل آهي) جهڙا قانون پڻ شامل آهن جنهن ۾ قومي قيادت (  جنهن جي اڪثريت جو تعلق ان وقت جي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي خيبرپختون خواهه سان هو ) تي بدعنوانيءَ جا الزام هڻي انهن کي سياست کان ٻاهر ڪيو ويو هو، پر وقت ۽ حالتن ٻڌايو ته اهي سموريون جماعتون موجود به رهيون ۽ وقت سان ڪاميابي به ماڻينديون رهيون، ها اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙن قانونن ڪري پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي ويو.

سوال هي آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ دفعو ٻيهر وري سياستدانن کي احتساب جي چڪر مان گذرڻو پئجي رهيو آهي، ممڪن آهي ته سياستدان  بدعنوان ۽ ڪرپٽ هجن پر رڳو مخالف ڌر جا سياستدان، انهن خلاف هڪ طرفي ڪارروائي فقط ۽ فقط انتقام جو تاثر ڏئي رهي آهي، ڇا هاڻي رڳو مائنس ٽي تي دنگ ڪيو ويندو يا سلسلو مائنس آل تائين جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے