11 منگل , دسمبر 2018

پاڻي ورڇ ۾ پنهنجن جون زيادتيون !

نذير سومرو

ڪالاباغ ڊيم نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، نعرا هڻي، ڌرڻا هڻي، عورتن ٻارن پاران روڊن تي مارچ ڪري، جڏهن ملڪي مالڪن کي رڌڻي ۾ رولو وجهي انهن کان ٻڏندڙ دلين سان پاڻي وٺون ٿا ان پاڻيءَ جي ورڇ اسان ڪيئن ٿا ڪريون؟ اسان جا پنهنجا  آفيسر انجنيئر ڪيئن اهو پاڻي ورهائين ٿا، گهڻا جتن ڪرڻا پون ٿا پاڻي هنن جي هٿن مان وٺڻ لاءِ؟ اهو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي.

وڏيرڪين مهربانين جي ڪري ٻيلا وڍجي ويا، هاڻي هتي وڻ پوکڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ ڄڻ ته هڪ خواب وڃي بچيو آهي جنهن ڪري مينهن به اسان کان منهن موڙي ويا آهن. اهي سنڌ جا سانوڻ الائي ڪاڏي ويا جنهن لاءِ اياز چيو هو ته، ”۽ بادل برسي بس نه ڪن سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ اهو ديس اڄ سالن کان پوءِ ڪي ڪڻيون ڏسي ٿو نه ته گهڻو ڪري سوڪڙي جو ئي راڄ رهي ٿو. مينهن جي رسي وڃڻ کانپوءِ اسان جي ان سنڌ جو جر به ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو هيٺ ۽ زهريلو ٿيندو جيڪو ڪڏهن آب حيات جي حيثيت رکندو هو. هڪ سر ڦرئي همراهه شهاب اوستي ان تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري اسان جو ڌيان ڇڪرايو ته اسين ڪيتري وقت کان گٽرن جو پاڻي پيئون پيا. سنڌ جا اهي علائقا جن جو پاڻي ڳائي گهه جهڙو ليکيو ويندو هو اتي سينکيي يعني زهر جو راڄ آهي. اتان جي رهواسين ۾ گڙدن جون بيماريون، ڪامڻ، ڪارو ڪامڻ عام ڳالهيون بڻجي ويون آهن.

ان مٿئين صورتحال ۾ هتان جا آفيسر ۽ پاڻي اختياريون سنڌ جي ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ پيون ڪن ان جو اندازو سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٿيندڙ روزانو ڌرڻن ۽ مظاهرن مان لڳائي سگهجي ٿو. اڪثر ڪري ڳالهائيندڙ ٻڌائين ٿا ته اها هٿرادو کوٽ آهي يعني عملدارن جي پيدا ڪرايل/ڪيل.

مشرف جي وقت ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايل وڏيرن جيڪي ڪِيس ڪيا اهي ته وقت به وقت اخبارن جي زينت بڻجندا رهيا هڪ قهر جيڪو گهڻو بحث هيٺ نه آيو آهي اهو آهي ته انهن پنهنجي زمينداري وڌائڻ لاءِ پرايون زمينون ڪهڙيءَ ريت پنهنجي نالي ڪيون يا وري انهن کان ڀڳڙن مٺ ۾ خريد ڪيون ۽ وري ان صورتحال ۾ اسان جي عملدارن انهن جي ڪيئن مدد ڪئي؟

ناظمي دور ۾ ٻيو ته ٺهيو اهو فيصلو به اهي ئي ڪندا هئا ته ڪهڙن ڳوٺن، شهرن کي بجلي ڏيڻي آهي، ڪيتري ڏيڻي آهي. انهن جي ڳوٺ تائين روڊ ڏيڻو آهي يا نه. جڏهن جنريٽر به عام نه هئا، سولر به متعارف ڪونه ٿيو هو، جون جولاءِ ۾ انهن ماڻهن جن ووٽ نه ڏنا انهن جي پندرنهن پندرنهن ڏينهن بجلي بند رهندي هئي. جيڪو تصور ڪري به هانءُ ڏري وڃي ٿو. اتي اسان جي پاڻي عملدارن صرف ۽ صرف ناظمن جي زمينن کي پاڻي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻين جون زمينون غير آباد رهيون جنهن جي آخري نتيجي طور انهن ننڍن زميندارن /مخالفن يا ته غلامي ڪئي يا پنهنجون زمينون سستي اگهه ۾ وڏيرن کي وڪيون. اهو قهر سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ٿيو. پاڻي عملدار ڪمدار بڻجي پنهنجي نوڪري ۽ عزت بچائيندي وڏيرڪيون غلاميون ڪري زميندارين ۾ اضافو ڪرائيندا رهيا.

اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي کوٽ رهي ٿي جيڪا گهڻو ڪري هٿرادو هوندي آهي. اتان جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته پاڻي پئسن تي وڪيو وڃي ٿو يعني جيڪو جيترا پيسا ڏئي ايترو پاڻي وٺي. (دڪان کليل آهن انهن بي ضمير ڪامورن جو) سنڌ جو ننڍو زميندار اڳ ئي ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ آهي، فصلن جو سرڪاري اگهه کيس ڪونه ٿو ملي، سرڪار صرف ۽ صرف وڏن زميندارن کي باردانو پيئي ڏيندي رهي آهي جيڪو وري هڪ وڏو عذاب آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکبو رهيو آهي (ڏٺو وڃي ته اهي به وڏيرن جا ڪمدار بڻجي، انهن جي زمينداريءَ ۾ اضافي لاءِ ڪم ايندا رهيا آهن) . ڪمند جا آبادگار هجن يا ڪڻڪ جا، سارين جا هجن يا تيلي ٻجن جا سڀ ئي ”اگهن“ جي گهاڻي ۾ پيڙجندا رهن ٿا پوءِ جيڪڏهن انهن کي پاڻي به نه ملي ته اهي زمينون وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ پاڻ ئي اچي وڏيرڪي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسندا.

پاڻي ملڻ کانپوءِ ان جي منصفاڻي ورڇ سنڌ سرڪار ۽ رڳو سنڌ سرڪار جي ئي ذميواري آهي جيڪا هن کي ضرور نڀائڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته سنڌ جون زمينون جن جو پاڻي زهريلو ٿي چڪو آهي، اهي فصل اپائڻ کان به جواب ڏين ۽ پوءِ لطيف سائين چواڻي، جتي لڻندو سارو لوڪ اتي اسين هڪ سنگ لاءِ سڪون..!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے