23 بدھ , جنوری 2019

دپيڪا ۽ رنوير جي شاديءَ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويون

New pictures emerge from Deepika, Ranveer's weddingممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي نئين گهوٽ ڪنوار دپيڪا ۽ رنوير سنگهه اٽلي جي خوبصورت هنڌ ”ليڪ ڪومو“ تي 14 ۽ 15 نومبر تي ٿيندڙ پنهنجي شاديءَ کانپوءِ مداحن سان ايونٽ جون آفيشل تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون، جن کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. شادي جي ڪجهه وڌيڪ تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ جُڙي کي پنهنجي خاندان ۽ ويجهن دوستن سان گڏ پوز ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪالهه اسٽائلسٽ نتاشا گوراو شادي جي پهرين ڏينهن جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ رنوير سنگهه جي ٽيم يعني” گهوٽ جي مائٽن“ جي چوڌاري سمانا گوش، سوسن روڊريگوئز، انجو ڀاواني، درشن ييواليڪر، جيئش ڪشن چنداني ۽ ادتي سپري نظر اچي رهيا آهن. هڪ ٻي تصوير ۾ دپيڪا جي ٽيم يعني” ڪنوار جا مائٽ“ نظر اچي رهيا آهن جن ۾ سانڌهيا شيکر، شالينا نٿاني، اسٽائلسٽ جبريل جارجيو ۽ ٻيا شامل آهن. دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگهه جي شادي جا جوڙا ڊيزائن ڪندڙ سبيا ساشي مکرجي پڻ شاديءَ کان اڳ ٿيل تقريب جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون. هيئر اسٽائلسٽ جبريل جارجيو ۽ ڊيزائنر سبياساشي مکرجي سان گڏ شادي جي موقعي تي ورتل تصوير شئير ڪئي.واضح رهي ته رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊڪون جو 18 نومبر تي ڀارت واپسي جو امڪان آهي، جتي هو 21 نومبر تي بئنگلور  ۾ پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي هڪ آجياڻو ڏيندا جڏهن ته 28 نومبر تي جوڙي طرفان ممبئي ۾ بالي ووڊ دوستن ۽ ساٿين کي آجياڻو ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رنوير سنگهه جي ايندڙ فلم گلي بواءِ جو نئون گيت ريليز

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي جلد ريليز ٿيندڙ فلم” گلي بواءِ“ جو هڪ …