14 جمعہ , دسمبر 2018

ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي وڌيڪ هڪ معصوم جي حياتي کسي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي سبب بجلي جي ڪريل تارن ۾ وچڙي معصوم نينگر فوت ٿي ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪراچي جي علائقي تيسر ٽائون ۾ پنجن ورهين جو خضر گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو ته زمين تي ڪريل بجلي جي تار ۾ وچڙي حياتي جي جنگ هارائي ويو. نينگر جي والد ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي جي تار خميس واري رات کان ڪريل آهي جنهن جو ڪي اليڪٽرڪ کي اطلاع به ڏنو ويو پر ان جي روايتي بي حسي هڪ معصوم جي حياتي کسي ورتي. افسوس جوڳي واقعي کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي ، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مولانا سميع الحق جي قتل جي جاچ، پرسنل سيڪريٽري گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلاف (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قتل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے