12 بدھ , دسمبر 2018

سرڪاري جهاز جو استعمال: حڪومت پاران مريم خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم ۽ پارليامنٽ جي ميمبر طور ذميواري هئي ته هو اثاثن جي باري ۾ ٻڌائي، نواز شريف اليڪشن ڪميشن کي پڻ اثاثن جا تفصيل نه ڏنا. شهزاد اڪبر چيو ته گذريل حڪومتي دور ۾ وزيراعظم جي جهاز جو غيرقانوني استعمال ٿيو، هوائي سفر تي 340 ملين رپيا غيرقانوني طور تي خرچ ڪيا ويا، شهباز شريف جهاز جو غيرقانوني استعمال ڪيو، مريم نواز پڻ جهاز جو استعمال ڪيو، ان جي نيب کان جاچ ڪرائينداسين. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته گفٽ اينڊ انٽرٽينمنٽ جي مد ۾ وڏا خرچ ڪيا ويا، پنجن سالن ۾ تحفن تي خرچ ڪيل خرچن جو پتو پئجي ويندو. شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته برطانوي اخبار جنهن ملڪيت جو ذڪر ڪيو، نواز شريف ان کي لڪايو، برطانوي اخبار شريف خاندان جي ملڪيت جي باري ۾ تحقيقي خبر ڇپي، لنڊن ملڪيتن بابت نيب جاچ ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے