19 منگل , فروری 2019

جي آءِ ٽي طرفان طاهر داوڙ قتل ڪيس جي نئين سر جاچ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي قتل جي نئين سر جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايس پي انويسٽيگيشن گلفام ناصر جي سربراهي ۾ طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم 7 رڪني گڏيل جاچ ٽيم جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽيم قتل جي نئين سر جاچ جو فيصلو ڪيو. ذريعن ٻڌايو ته جي آءِ طاهر داوڙ جي ڀاءُ ۽ گهر ڀاتين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ان ڳالهه جو پتو لڳايو ويندو ته مقتول پوليس آفيسر جي گهر ڪير ڪير ايندو هو. ذريعن موجب جي آءِ ٽي جيو فينسنگ ۽ مختلف ڪيسن تي لڳل سيف سٽي جي ڪئميرائن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد جي علائقي جي اليون ۽ ايف ٽين سميت شهر جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن جا فوٽيج به طلب ڪيا ويا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه سعد ۽ سلمان رفيق کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے