15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ 895 پاڪستانين ۾ 35 سياستدان به شامل اهن. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ دبئي ۾ پاڪستانين جي ملڪيتن واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايف آءِ اي عبوري رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ 895 پاڪستانين مان 674 ڄڻن ايف آءِ اي ۾ حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، 374 پاڪستانين ايمنسٽي اسڪيم تحت ملڪيتون ظاهر ڪيون، جن مان 7 ڄڻا نيب انڪوائرين ۽ ريفرنسز کي منهن ڏئي رهيا آهن، 150 پاڪستانين اسڪيم مان فائدو کنيو نه ئي ايف بي آر ۾ ملڪيتون ٻڌايون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 69 پاڪستانين سالياني ٽيڪس ريٽرنز ۾ ايف بي آر سامهون دبئي ۾ ملڪيتون ظاهر ڪيون، جڏهن ته 72 ڄڻن تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ايف آءِ اي انڪشاف ڪيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو وٺندڙ 674 پاڪستانين جي تفصيلن جي تصديق نه ٿي سگهي، تفصيل ڳجها هجڻ سبب قانون موجب ايف بي آر ڊيٽا سان ڪراس چيڪ نه ٿي سگهي. ايمنسٽي اسڪيم تحت ملڪيتون ظاهر ڪندڙن ۾ سنڌ اڳڀرو آهي ۽ اسڪيم مان فائدو وٺندڙ 253 ڄڻن جو واسطو سنڌ سان آهي. پنجاب مان 100، اسلام آباد مان 17 ۽ ڪي پي مان 4 پاڪستاني دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ آهن. ايف آءِ اي موجب ٽيڪس ريٽرنز ۾ ملڪيتون ظاهر ڪندڙن مان 37 جو واسطو سنڌ، 5 جو پنجاب، 24 جو اسلام آباد، 2 جو بلوچستان ۽ هڪ جو ڪي پي سان آهي. هوڏانهن 82 پاڪستانين دبئي ۾ ملڪيتون رکڻ کان انڪار ڪيو آهي، جن مان 55 جو واسطو سنڌ، 23 جو پنجاب، هڪ جو اسلام آباد ۽ 3 جو واسطو ڪي پي سان آهي. 220 پاڪستانين دبئي ملڪيتن بابت حلفي بيان جمع ناهي ڪرايو، جن مان 118 جو واسطو سنڌ سان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته دبئي ۾ ملڪيت رکندڙ هڪ پاڪستاني مفرور آهي، 13 پاڪستاني فوت ٿي چڪا آهن، ٻن جي سڃاڻپ سوشل ميڊيا پروفائل سان ٿي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے