14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ : غوثپور: واپڊا جي  لاپرواهي سبب پورهيت جي ڀلوڙ مينهن ڪريل تارن ۾ وچڙي مري وئي

غوثپور  ويجهو  ڳوٺ رستم خان اوڳاھي ۾ واپڊا جي  لاپرواهي سبب پورهيت جي ڀلوڙ مينهن ڪريل تارن ۾ وچڙي مري وئي اهڙي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

  واپڊا  عملي  تارون ڪٽي  زمين تي اڇلائي  ڇڏيون  جنهن ۾ عبد الخالق اوڳاھي جي مينھن ڪرنٽ  لڳڻ  ڪري مري وئي.

ان موقعي تي  عبدالخالق  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  غوثپور واپڊا عملي بجلي جون تارون ڪٽي زمين تي اڇلائي ڇڏيون آھن.

هن چيو تھ ڪريل تارن ۾ سندس ڀلوڙ مينهن وچڙي مري وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن  چتاءُ ڏنو تھ  واپڊا عملي خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾  ڪنڌ ڪوٽ شڪارپور  انڊس هاءِ وي تي  ڌرڻو ھنيو ويندو………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے