14 جمعہ , دسمبر 2018

اورنج لائن ٽرين منصوبو: 10 ڏينهن ۾ پئسن جي ادائيگي جو فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار اورنج لائن ٽرين سميت ميگا منصوبن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 10 ڏينهن ۾ پئسن جي ادائيگي جو فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ اورنج لائن ٽرين سميت ميگا منصوبن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٺيڪيدارن جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته پئسا نه ملڻ سبب اورنج لائن تي ڪم بند آهي، وقت سر ادائيگي نه ٿي ته منصوبي جي لاڳت وڌي ويندي. هن چيو ته منصوبو مڪمل ڪري ئي وينداسين ۽ جيڪڏهن ادائيگي ٿي وئي ته ڪم به شروع ٿي ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٺيڪيدارن لاءِ پئسو رت جي حيثيت رکي ٿو. پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڌرين سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جلد معاملو حل ٿي ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 10 ڏينهن ۾ پئسن جي ادائيگي جو فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے