22 جمعہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين: آرمي چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪراچي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي ڊي جي رينجرز پاڪ فوج جي سربراهه کي صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آرمي چيف کي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته ڪراچي قومي معيشت ۾ انجڻ جي حيثيت رکي ٿو، شهر ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته امن امان جي صورتحال ۾ بهتريءَ سان ڪراچي ۾ واپاري سرگرميون هاڪاري انداز ۾ جاري آهن. دوري دوران ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز به آرمي چيف سان گڏ هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے