13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ : سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي 16 ججن مان 8 ججن کي چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ جو موقعو ملندو.

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ايندڙ سال 17 جنوري تي پنهنجو ملازمت وارو مدو پورو ڪري رهيو آهي، سندس ريٽائرمنٽ بعد 8 ججن کي ترتيبوار اِهو عهدو سنڀالڻ جو موقعو ملندو.

ان فهرست ۾ جسٽس آصف سعيد خان کوسا، جسٽس گلزار احمد، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي شامل آهي.

آئين موجب سپريم ڪورٽ جي جج جي ريٽائرمنٽ جي عمر 65 سال مقرر ٿيل آهي ۽ چيف جسٽس جي ريٽائرمنٽ بعد سينيئر ترين جج کي چيف جسٽس  جو عهدو ڏنو ويندو آهي.

سپريم ڪورٽ جي ججن جي موجوده سنيارٽي لسٽ موجب 8 ججن کي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ بڻجڻ جو موقعو ملندو. ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ  جا ٻيا 8 جج چيف جسٽس جي عهدي تي پهچڻ کان اڳ ئي ريٽائر ٿي ويندا.

17 جنوري 2019ع تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي ريٽائر ٿيڻ بعد 18 جنوري تي جسٽس آصف سعيد خان کوسا چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندو ۽ هو ساڳئي سال 20 ڊسمبر تي ريٽائر ٿي ويندو.

ان کان پوءِ جسٽس گلزار احمد خان اِهو عهدو سنڀاليندو ۽ هو پهرين فيبروري 2022ع تائين چيف جسٽس جي عهدي تان ريٽائر ٿي ويندو، ان کان پوءِ 2 فيبروري تي جسٽس عمر عطا بنديال، چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندو ۽ هو 16 سيپٽمبر 2023ع تائين ان عهدي تي برقرار رهندو.

جسٽس عمر عطا بنديال جي ريٽائرمنٽ بعد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو عهدو سنڀاليندو ۽ هو 25 آڪٽوبر 2024ع تائين چيف جسٽس جي عهدي تي فائز رهندو.

ان جي ريٽائرمنٽ بعد جسٽس اعجاز الاحسن، چيف جسٽس مقرر ٿيندو ۽ هو 4 آگسٽ 2025ع تي ريٽائر ٿيندو، سندس جاءِ تي جسٽس سيد منصور علي شاهه، چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندو.

جسٽس سيد منصور علي شاهه 27 نومبر 2027ع تي ريٽائرمنٽ جي عمر تي پهچندو ۽ سندس جاءِ تي جسٽس منيب اختر کي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ جو موقعو ملندو.

جسٽس منيب اختر 13 ڊسمبر 2028ع تي ريٽائر ٿيندو ۽ سندس جاءِ تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مقرر ٿيندو جڏهن ته هو 22 جنوري 2030ع تي ريٽائر ٿيندو.

عدالت عظميٰ جي ٻين ججن مان جسٽس شيخ عظمت سعيد ايندڙ سال 27 آگسٽ، جسٽس مشير عالم 17 آگسٽ 2021ع، جسٽس مقبول باقر 4 اپريل 2022ع، جسٽس منظور احمد ملڪ 30 اپريل 2021، جسٽس سردار طارق مسعود 10 مارچ 2024، جسٽس فيصل عرب 4 نومبر 2020ع، جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل 13 جولاءِ 2022 ۽ جسٽس سجاد علي شاهه 13 آگسٽ 2022ع تي ريٽائر ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خيرپور: سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي سنڌ طرفان زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سيمينار

خيرپور ۾ سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي سنڌ طرفان زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ نهري پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے