14 جمعہ , دسمبر 2018

ڪي فور جو ڪنيڪشن سپر هاءِ تي قائم ٿيندڙ نئين وسندي کي ناهي ڏنو: وڏو وزير

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي فور منصوبي جو ڪنيڪشن سپر هاءِ تي قائم ٿيندڙ نئين وسندي کي ڏيڻ جون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن. ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو ڪي فور پورو ٿيڻ جي ترجيحن ۾ آهي، فني سببن جي بنياد تي منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته ڪي فور منصوبي جي لاڳت 70 کان 75 ارب رپين تائين پهچي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور منصوبي مان ڳنڍيل 50 ميگا واٽ بجلي گهر بابت ڪيترائي متبادل غور هيٺ آهن، پهريون متبادل اهو آهي ته بجلي گهر پاڻ لڳايون يا حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان بجلي وٺون، بجلي لاءِ جنهن منصوبي جي لاڳت مناسب هوندي، ان تي ڪم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪي فور منصوبي جي اصل لاڳت موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پنهنجي حصي جي رقم ڏئي رهي آهي، سمنڊ جي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي منصوبي ۾ وقت لڳندو، ڊي سالينيشن پلانٽ نه رڳو ڪراچي پر ٺٽي ۽ بدين لاءِ به غور هيٺ آهي. هن چيو ته ڪراچي کي هر ڏينهن 10 ڪروڙ گيلن اضافي پاڻي جي فراهمي فيبروري يا مارچ تائين ممڪن ٿيندي، ڪي فور منصوبي سان رڳو ڪراچي کي ئي ماڻي ملندو، سپر هاءِ وي تي قائم ٿيندڙ نئين وسندي کي ڪي فور منصوبي جو ڪو ڪنيڪشن ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے