15 ہفتہ , دسمبر 2018

حڪومت توهين رسالت قانون ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم جو ارادو نٿي رکي: صدر عارف علوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت توهين رسالت جي قانون ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم جو ارادو نٿي رکي. ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ۾ عالمن ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڳالهائيندي صدر چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، اسرائيل جي باري ۾ پاڪستان مسلم دنيا جي موقف سان متفق آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت توهين رسالت قانون جي محافظ آهي ۽ هر عهدي کان وڌيڪ ان جي حفاظت ڪئي ويندي، قانون 295 سي جي شق جي غلط استعمال جي سدباب لاءِ عالمن کان راءِ گهري وڃي. عارف علوي چيو ته مولانا سميع الحق جي شهادت قوم ۽ حڪومت لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، قاتلن کي انجام تائين پهچائينداسين. سندس چوڻ هو ته مدرسن ۽ مسجدن جي رجسٽريشن ۾ سڀ رنڊڪون ختم ڪيون وينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے