20 بدھ , فروری 2019

قبضا مافيا طرفان اڳوڻي چيف جسٽس جي گهرواري کي قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان جي گهرواري کي هٿياربندن طرفان قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سعيد الزمان صديقي جي پٽ مري جي ٿاڻي تريٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو آهي ته سندس ماءُ کي قبضا مافيا قيد ۾ رکيو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته منهنجي ماءُ پنهنجي پلاٽ تي چوديواري ٺهرائڻ آئي، جنهن تي 4 هٿياربندن کيس ڌمڪيون ڏنيون، انهن چوديواري تي ڪم روڪرايو ۽ ماءُ کي قيد ۾ رکڻ کانپوءِ پلاٽ مان به ڪڍي ڇڏيو. جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي پٽ افنان موجب هٿياربندن هوائي فائرنگ به ڪئي. هوڏانهن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان جي پٽ جي درخواست تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے