10 پیر , دسمبر 2018

ريلوي زمين جي انچ انچ تان قبضو ختم ڪرائينداسين: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ريلوي ۾ ڪرپشن خلاف نيب کي درخواستون ڏينداسين ۽ کاتي جي هڪ هڪ انچ زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويندو. ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته رائل پام ۽ شاليمار جو ڪيس نيب وٽ کڻي وڃي رهيا آهيون، جيڪو آفيسر فيلڊ ۾ نه ويندو ته کيس گهر وڃڻو پوندو. هن چيو ته 11 هزار جاين تي ميرٽ موجب ڀرتيون ڪيون وينديون، 6 ريلون هلائي چڪا آهيون، وڌيڪ 4 ريلون هلائينداسين، سي پيڪ ايم ايل اون کانسواءِ مڪمل نٿو ٿي سگهي، ان تي چين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي يوٽرن بابت بيان تي سندس چوڻ هو ته مون کي ان بابت تفصيلن جي خبر ناهي پر جيتري محنت عمران خان ڪري رهيو آهي اها ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پاڪستان ۾ ڦريل ناڻو موٽائڻ سولو ڪم ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے