11 منگل , دسمبر 2018

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪم ڏنو ويو ته سڄي ڪراچي ۾ ريلوي جي زمينن تان قبضو ڇڏرائڻ سميت ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڊي ايس پي ريلوي ٻڌايو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ريلوي جي زمينن تي قبضو آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنرن ذريعي سمورن علائقن جي ريلوي لائنز ڪليئر ڪرايون وڃن. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ڪي ايم سي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان بوگيون تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته مقامي انتظاميا ريلوي جي مدد سان روٽ مقرر ڪندي، جڏهن ته اعليٰ عدالت سياحتي مقصدن لاءِ صدر کان اولڊ سٽي ايريا تائين ٽرام لائن جي بحالي جو به حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ حد دخليون نظر نه اچن ۽ سڄي شهر ۾ آپريشن تيز ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ايف ٽي سي پل هيٺان تعمير ڪيل دڪان ڪيرائڻ ۽ شاهراهه فيصل توڙي راشد منهاس روڊ تان هر قسم جون حددخليون ختم ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. عدالت سمورن ڪنٽونمينٽ بورڊز ۽ ڊي ايڇ اي کي به حددخلين جي خاتمي لاءِ حڪم ڏنو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے